باھو کوسو(ن پ ا) 24 ڏينھن اڳ باھو کوسو کان ٺل عيد خريداري لاءِ ويندي  اغوا ٿي ويل نوجوان ظھور احمد مرھيٽو غوثپور جي ڪچي واري علائقي مان مبينا پوليس مقابلي بعد بازياب ٿي گھر پھچي ويو. باھو کوسو پوليس موجب ظھور مرھيٽو کي غوثپور جي ڪچي واري علائقي مان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آھي. ياد رھي ته باھو کوسو لڳ ڳوٺ غلام رسول مرھيٽو واسي نوجوان رمضان شريف جي عيد کان اڳ ٺل عيد خريداري لاءِ ويو ته اغوا ٿي ويو جنھن جي ڌاڙيلن تشدد واري ويڊيو به وائرل ڪري وارثن کان 30 لک روپيا ڀنگ به طلب ڪئي ھئي جنھن باھو کوسو ٿاڻي جي پوليس غوثپور جي ڪچي مان مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي وئي آھي.