بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت جي ڪرن جوهر تي تنقيد

0
216
بالي ووڊ اداڪارا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تڪراري اداڪارا ڪنگنا رناوت هدايتڪار ڪرن جوهر جي نئين انسٽاگرام پوسٽ تي تنقيد ڪئي آهي. هدايتڪار ڪرن جوهر گذريل ڪجهه عرصي کان پنهنجا نوازي بابت ٿيندڙ بحث جو مرڪز بڻيل آهي

ڪرن جوهر تازو ئي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي هڪ مختصر پيغام شيئر ڪيو آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ ائين لڳي رهيو  آهي ته هن پاڻ تي لڳايل سمورن الزامن تي پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪيو آهي

ڪنگنا رناوت ڪرن جوهر جي ان انسٽاگرام اسٽوري تي تنقيد ڪندي لکيو ته ”هڪ وقت هو جڏهن چاچا چوڌري پنهنجا نوازي جي پيداوار سان گڏ نيشنل ٽيليويزن تي مون کي ان ڪري بي عزت ۽ هراسان ڪندو هو ڇو جو آئون انگلش نه ڳالهائي سگھندي هيس“.اداڪارا لکيو ته اڄ ان جي هندي ڏسي خيال آيو اڃا ته رڳو اوهان جي هندي سڌري آهي اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي“