بالي ووڊ اداڪارا نورا فتيحي جون شينهن سان گڏ تصويرون وائرل

0
198
بالي ووڊ اداڪارا نورا فتيحي جون شينهن سان گڏ تصويرون وائرل
بالي ووڊ اداڪارا نورا فتيحي جون شينهن سان گڏ تصويرون وائرل

دبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا نورا فتيحي جون دبئي ۾ شينهن سان گڏ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. نورا فتيحي هنن ڏينهن ۾ دبئي ۾ موڪلون گذاري رهي آهي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي مداحن کي پنهنجي زندگيءَ بابت خبرون به ڏئي رهي آهي.

ويجهر ۾ ئي نورا فتيحي انسٽاگرام تي دبئي جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون جن ۾ هوءَ اڇي رنگ جي خوبصورت شينهن سان گڏ بغير ڪنهن خوف جي مزي سان ويٺل آهي. سوشل ميڊيا تي نورا جي ان پوسٽ کي ڪافي پسند ڪيو ويو آهي.

 

ھي به پڙھندا

عمران خان جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي: رشنا خان