بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل “فراڊ” جي ڪيس ۾ ڦاسي پئي

0
144
ڪرينا کي فلم “ڪهو نا پيار هي” مان نيڪالي ملي هئي: اميشا
ڪرينا کي فلم “ڪهو نا پيار هي” مان نيڪالي ملي هئي: اميشا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا اميشا پٽيل ۽ هن جي بزنس پارٽنر ڪرونال فراڊ جي ڪيس ۾ ڦاسي ويا آهن. رانچي سول ڪورٽ ۾ اداڪارا ۽ ڪرونال خلاف فراڊ ۽ چيڪ بائونس ٿيڻ جو ڪيس رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي

فلم پروڊيوسر اجي ڪمار طرفان شڪايت تي عدالت ڪيترائي ڀيرا اداڪارا ۽ هن جي بزنس پارٽنر کي طلب ڪيو پر ٻئي حاضر نه ٿيا، جڏهن ته ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 15 اپريل تي ڪئي ويندي

شڪايت ۾ درج تفصيلن موجب اميشا پٽيل ۽ هن جي پارٽنر پروڊيوسر سان اڍائي ڪروڙ رپين جي هڪ فلم “ديسي ميجڪ” بڻائڻ لاءِ ۽ هن جي وياج سان گڏ رقم موٽائڻ جو يقين ڏياريو

“ديسي ميجڪ” جي شوٽنگ جي شروعات 2013ع ۾ ٿيڻي هئي پر اها 2023ع تائين رليز نه ٿي، پروڊيوسر اداڪارا ۽ هن جي پارٽنر سان رقم جي واپسي جو مطالبو ڪيو. اجي ڪمار کي اداڪارا 7 هن جي پارٽنر طرفان رقم جو چيڪ ڏنو ويو پر اهي ٻئي چيڪ بائونس ٿي ويا