باقراڻي (ن پ ا )باقراڻي ٿاڻي جي حد مگسي  ٻچاءَ بند ڀرسان 3 موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڳوٺ شير محمد سامٽيو جي رهواسي جاڙل ٽڳڙ کان موٽر سائيڪل ڦري فرار ٿي رهيا هئا ته ڳوٺاڻن ٽن موٽر سائيڪل سوار ڦورن کي پڪڙي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل سميت ٻه موٽر سائيڪلون پڪڙي ڪٽڪو ڏئي پوليس حوالي ڪيو، هوڏانهن باقراڻي ٿاڻي تي ڳوٺاڻي جاڙل ٽڳڙ جي فرياد تي ٽن جوابدارن شڪيل شيخ، وسيم شيخ ۽ ريحان شيخ مٿان گناهه نمبر 36/2022 ڏوھ قلم 392 ppc  تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب ڦورن جو تعلق باقراڻي تعلقي جي ڳوٺ حسين آباد سان آهي.