باقراڻي  (ن پ ا ) باقراڻي باءِ پاس وٽ موھن جو دڙو روڊ تي ٻن ڪارن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ نئين گڏ واسي پيرا ميڊيڪل اسٽاف لاڙڪاڻي ضلعي جي جنرل سيڪريٽري احمد علي سولنگي عرف لالو ماڇي ۽ لاڙڪاڻي واسي ڪشمير مل عرف ساگر شامل زخمي ٿي پيا، جن کي پوليس چانڊڪا کڻائي وئي.احمد علي سولنگي جي علاج ۾ دير ڪرڻ تي پيرا ميڊيڪل اڳواڻن ۽ اسپتال عملي ۾ منهن ماري ٿي، جنهن بعد يونين وارن ٻن ڊاڪٽرن کي اسپتال مان تڙي ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. ايم ايس جي مداخلت بعد پيرا ميڊيڪل اڳواڻن ڊاڪٽرن پاران معذرت ڪرڻ تي کين اسپتال اندر ڇڏيو.