ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿيڻ بعد ڪپتاني جي حوالي بحث تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته بابر اعظم شاهين آفريدي جي ڪپتان ٿيڻ جي حمايت نه ڪئي هئي.پنهنجي يوٽيوب چينل تي ٽيم جي ڪپتاني جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي چيو ته جيڪڏهن شاهين جي ڪپتاني جو فيصلو ٿي چڪو هو ۽ پي سي بي چئي ڇڏيو هو ته شاهين ڪپتان هوندو ته منهنجي خيال ۾ بابر اعظم کي شاهين جي حمايت ڪرڻ کپي ها.هن ٻڌايو ته اها مڪمل طور تي بابر اعظم جي غلطي ناهي، ڇو ته ڪجهه سليڪشن ڪميٽي جو ڏوهه به آهي، ڇو ته سليڪٽرز اها ڳالهه آن دي رڪارڊ چئي چڪا آهن ته بابر اعظم کي ڪپتاني ڪرڻ ناهي ايندي.