بابا ۽ امان جو هڪ ٻئي ڌار ٿيڻ وارو فيصلو صحِح هو: سارا خان

0
315

ممبئي (سوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته بابا سيف علي خان ۽ امان امرتا سنگهه جو هڪ ٻئي ڌار ٿيڻ وارو فيصلو صحِح هو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب سارا علي خان هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جٿي هن پهريون ڀيرو پنهنجي والد ۽ والدا جي عليحدگي بابت کلي ڳالهايو. بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءَ اداڪارا سارا والدين جي طلاق بابت ڏيڍ ڏهاڪي کانپوءِ ٻڌائي ڇڏيو ته انهن ۾ طلاق ڇو ٿي هئي.سيف ۽ سندس پهرين گهرواري امريتا سگنهه وچ ۾ 2004 ۾ طلاق ٿي هئي، ان وقت ٻنهي کي سارا ۽ ابراهيم جو اولاد به هو.طلاق بابت مختلف قسمن جون خبرون سامهون اينديون رهيون آهن ۽ سارا به ماضي ۾ ان حوالي سان ڳالهايو پر هاڻ هن کليل نموني سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي.سارا جو چوڻ هو ته ٻئي ڄڻا ڪڏهن به هڪ ٻئي سان خوش نه هئا انڪري ئي ڌار ٿي ويا، هن چيو ته جيڪڏهن هڪ گهر اندر 2 ماڻهو خوش نٿا گذارين ته ڌار ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسين امان سان گڏ رهيا آهيون پر بابا پنهنجون ذميواريون نه وساريون. هن ٻڌايو ته بابا رڳو هڪ فون ڪال تي اسان وٽ پهچي ويندو هو انڪري اسين ڪڏهن به هڪ ٻئي کان پري نه ٿيا آهيون. هن چيو بابا جي ٻئي گهرواري ڪرينا سان پڻ منهنجا سٺا لاڳاپا آهن.