اڻ سهڪاري معاشرو

0
240
روڳي سماج ۾ اڻ لڀ ٿي ويل دوائون...!!

 عجيب بي حسي جو دور اچي ويو آهي، ماڻهو ماڻهوءَ جو رت ٿو پيئي،هڪٻئي جو ماس پٽي کاڄي رهيو آهي. هڪٻئي جي مدد ۽ سهڪار ته پنهنجي جاءِ تي مورڳو هڪٻئي جي قبر کوٽڻ ۾ لڳا پيا آهن. پاڙي ۾ ڪو سَڻڀو گرهه  ٿو کائي ته ڪو رُڪ جا چَڻا ويٺو چٻاڙي مگر احساس ۽ ڪَهل نالي وارا لفظ هاڻ رڳو لُغتن ۾ ئي وڃي بچيا آهن. دلين مان درد ۽ ٻئي جو ڀلو ڪرڻ جهڙا جذبا ختم ٿي ويا آهن. دليون جهڙوڪر پٿر جون ٿي ويون آهن. مفاد ۽ لالچ زندگين ۾ ان حد تائين گهر ڪري ويا آهن جو فائدي لاءِ ڀاءُ ڀاءُ جو ڳلو ٿو ڪپي، دوست دوست کي ٿو قربان ڪري، ڀائيوار ڀائيوار جا پير ٿو ڪڍي. ڪالھه جيڪي هڪ ئي لَڏي ۽ سوچ جا حامي ڪامريڊ يا جِيالا هئا اڄ ٿورو عُهدو ملڻ تي پراڻن دوستن کي نظر انداز ڪري ڇڏيائون. ڪالھه جا لنگوٽيا يار سياسي ۽ سرڪاري عهدو ڇا ماڻي ويٺا مسڪين دوستن جا نالا ۽ شڪليون وساري ويٺا.

  اِهي ئي بي حس رَويا هاڻ دوستين کان ٿيندي رشتيدارين ۾ زهر اوتڻ جي نهج تي پهچي ويا آهن. هڪ ئي پيءَ ۽ ماءُ جو اولاد مالدار ٿيڻ تي غريب ڀاءُ کي پُٺي ڏيئي ٿو ڇڏي. اُن جي ڏکي ويل مدد ته ڇا پر اُن جي ڪکائين گهر ۾ وڃڻ به گوارا نٿو ڪري جو متان سندس “شان”۾ گهٽائي نه اچي وڃي. گاڏي، بنگلي، زمين ۽ نوڪرن چاڪرن جي خواهشن ماڻهن کي انڌو ڪري ڇڏيو آهي. ذاتي سُک لاءِ  لالچي انسان ڪو به بُرو عمل ڪرڻ کان نه ٿو ڪيٻائي. نه صرف نٿو ڪيٻائي مگر اهڙو ڪُڌو عمل ڪرڻ کان پوءِ ٿوري شرمندگي به محسوس نه ٿو ڪري.

هر شيءَ کي سون جي تارازيءَ ۾ توري ڏسڻ ۽ وٺڻ اڄ جي مطلبي انسان جو شعار ٿي ويو آهي. رشتيداري ڪرڻ کان تعلق قائم ڪرڻ تائين هرشيءَ ۾ مفاد کي ترجيح حاصل آهي. صرف دولت ۽ اسٽيٽس (رُتبي)جي حاصلات ۾ ڌُت پنهنجي سماج ۾ اهڙي ٻي ڪهڙي شيءَ آهي جنهن کي ساراهي سگهجي يا جنهن تي ناز ڪري سگهجي!!نه تعليم، نه درسگاهون، نه شفا گهر، نه ادب، نه اخلاق، نه روزگار نه ڪم، نه ٻين لاءِ همدردي ۽ اِيثار جو جذبو، نه انصاف، نه حق جي ڳالھه، نه حقوق، نه فرض.. (رڳو حق تلفي، رڳو ناحق، رڳو ظلم، رڳو استبداد) هر اُها شيءَ جنهن جي هن وقت ضرورت آهي ناپيد آهي. باوجود ان جي جو عبادت اسان وٽ گهڻي آهي،

سخاوت اسان وٽ گهڻي آهي، ڳڻپ ۾ اسڪول ۽ صحت مرڪز اسانوٽ وڌيڪ آهن، ٿاڻا، فوجي ڇانوڻيون، ريلوي اسٽيشنون، ايئرپورٽ اسان وٽ موجود آهن، مگر آهي انهن ۾ ڪا ڪم جي ڳالھه يا سهولت، جنهن جو فخر سان ذڪر يا بيان ڪري سگهجي؟ اسڪولن ۾ ڏِس ته ٻار هڪٻئي تي جانورن وانگي سَٿيا پيا آهن مگر پڙهائي ٻُڙي، اسپتالن ۾ مريضن جون لائنيون لڳل آهن مگر نه دوا نه درمل، نه علاج نه ڊاڪٽر.. اهڙي طرح ٿاڻن، ڪورٽ ڪچهرين، ريلوي، ۽ هوائي اڏن ۾ به ڌُوڙ پئي اڏامي، رڳو ڪاريءَ وارا ڪَک آهن!.. تازو انٽر نِيشنل ٽرانسپيرنسي رپورٽ ڏني آهي ته پياري ملڪ ۾ پوليس ۽ عدليه ڪرپٽ ترين ادارا آهن. ان کان پوءِ ٻين ادارن جا حال به ساريا پيا آهن. فقط نالي ماتر ادارا، بجيٽون ڪروڙن جون ۽ نتيجو ٻُڙي.

سياستدانن کي ڏس ته انهن کي پنهنجي سياست، ٽوڙ جوڙ ۽ تَڪبندين جي لڳي پئي آهي، ڪامورا سَڻڀين پوسٽن تي وڙهي رهيا آهن، ٻيا ادارا تنظيم سازين ۽ يونين بازين ۾ مصروف آهن، ڪنهن کي سترهين يا ارڙهين گريڊ ۾ ترقي ملي ٿي ته سوشل ميڊيا تي صحافي برادري ۽ “ميڊيائي هيرن”  پاران کيس مبارڪبادن جا ڌوڙيا لڳا پيا هوندا. ڪو نئون ضلعي آفيسر ڪٿي بدلي ٿي ايندو آهي ته هڪ خاص لَڏي کي ٽوپيون ۽ اجرڪون هٿن ۾ هونديون،

سيلفين جا سَٽڪا ۽ سوشل ميڊيا تي ڌَڌڪا هوندا. (باقي  خلق وڃي ڌُوڙ پائي)ٺيڪ آ جيڪڏهن ڪو نئون آفيسر ڪنهن ضلعي، تعلقي، توڙي ٽائون ۾ بدلي ٿي اچي ٿو ته ان جي حوصلا افزائيءَ لاءِ اوهان ان کي ٽوپيون به ڀلي پارايو اجرڪون به ڀلي پارايو، مبارڪون به ڀلي ڏيو پر ان جي ڪا ڪارڪردگي ته ٻڌايو، ڪا خدمت ته ٻڌايو، ته پوئين ضلعي مان ڪهڙا شينهن ماري هتي پهتو آهي؟ رڳو پاڻ وڻائڻ، نمبرنگ، وڏيرپ، ۽ ڪانڀو خان بڻجڻ سان عظمتون ناهن ملنديون. عظمتون سدائين خدمتن ۽ قربانين جي عيوض ملنديون آهن.

تازو سيالڪوٽ واري واقعي دنيا ۾ اسان جي نام نهاد مُهذب پڻي جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي. جيتري دينداري ۽ مذهب پرستي اسانوٽ آهي وري اوتري بي ايماني، ملاوٽ، ڪُوڙ، ٺڳي ۽ دوکيبازي به هتي آهي! روزانو قبائلي تڪرارن ۾ درجنين ماڻهو بي موت ماريا وڃن پيا، روڊن جي ناقص حالت روزانو ڪيترن ئي حادثن جو سبب بڻجي ٿي، مهانگائي ماڻهن جي چيلھه ڀڃي ڇڏي آهي، في ڪس آمدني بنگلاديش کان به گهٽجي وئي آهي، پورو ملڪ قرضي لڳو پيو آهي، خرچو رُپيو  ۽ آمدني اَٺ آنا به ناهي.. معدنيات ۽ مصنوعات جون قيمتون روز آسمان تي پهچي ويندون آهن، اسين پوءِ به جيئون پيا، ها ڪنهن شاعر چواڻي اسين پيا ڪاهيندا اچون.

قصو ڪوتاھ ته هي وقت هٿ هٿ تي رکي ڪنهن معجزي جي انتظار ڪرڻ جو ناهي، زميني حالتون بدلائڻ لاءِ ڪو عيسيٰ مسيح ناهي اچڻو نه ئي درگاهن تي غلاف چاڙهي دُعائون گهرڻ سان اسانجي تقدير بدلجندي. هن وقت (هر حوالي سان)جيڪا ڳنڀير صورتحال آهي ان کي نظر ۾ رکندي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مستقبل تمام ڀيانڪ ۽ اونداهو آهي!  سو جيڪڏهن اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي حصي جو ڏيئو جلائي ته روشني اوس ممڪن آهي. ڪنهن به ذاتي مفاد کان بالاتر ٿي ڪري انفرادي جدوجهد ذريعي اجتماعي آجپي ۽ خوشحاليءَ ڏانهن وِک وڌائي سگهجي ٿي. ان لاءِ بنيادي نُقطو هيٺئين کان مٿين سطح تائين اسان کي پنهنجا ليڊر سچا چونڊي ايوانن ۾ موڪلڻا پوندا ته جيئن جهالت ۽ بيروزگاريءَ جو خاتمو ممڪن ٿي سگهي.