اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ڀاءُ جي گرفتاري لاءِ اينٽي ڪرپشن پنجاب جو ڇاپو

0
129
توشه خانه ۾ 14 سال قيد جي سزا، بشريٰ بي بي گرفتاري ڏيڻ لاءِ اڊيالا جيل ۾ موجود
توشه خانه ۾ 14 سال قيد جي سزا، بشريٰ بي بي گرفتاري ڏيڻ لاءِ اڊيالا جيل ۾ موجود

اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي ڀاءُ جي گرفتاري لاءِ اينٽي ڪرپشن پنجاب جو ڇاپو، گرفتاري نه ٿي سگهي، ڪرپشن ڪيس ۾ روپوش احمد مجتبيٰ وٽو جي گرفتاري لاءِ سندس رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو ويو پر هو گهر ۾ موجود نه هو

بشريٰ بي بي جي ڀاءُ احمد مجتبيٰ وٽو  تي ترقياتي ڪمن ۾ 2 ڪروڙ 49 لک کان وڌيڪ  غبن جو الزام آهي، اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ترجمان موجب تحريڪ انصاف جي   اڳوڻي ايم پي اي  راءِ حسن نواز ۽ راءِ مرتضيٰ اقبال جي رهائشگاهن تي به ڇاپا هنيا ويا،

حسن نواز ۽ مرتضيٰ اقبال تي فيس ادا  ڪرڻ بنا  ڪمرشل اڏاوتون ٺاهڻ جو الزام آهي، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ايم پي اي  نعيم ابراهيم ۽  سليم صادق جي گهرن تي به ڇاپا، گرفتاريون عمل ۾ نه اچي سگهيون