ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) نيب ڪراچي جي ريجنل بورڊ جو اجلاس، اڳوڻي ايس ايي ٺٽو محمد علي وساڻ، هيپاٽائيٽس کان بچاءَ جي پروگرام مينيجر، صحت کاتي جي آفيسرن خلاف ريفرنس جي سفارش، پ پ ايم پي اي علي حسن زرداري ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري انڪوائري کي انويسٽيگشن ۾ تبديل ڪرڻ جي سفارش، حيدرآباد ٽريزري ۾ جعلي پينشن جي مد ۾ جعلي اڪائونٽس ذريعي اربين رپين جي انڪوائري کي به انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ڪالهه نيب ڪراچي جي ريجنل بورڊ جو اجلاس ڊي جي ڊاڪٽر نجف قلي مرزا جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن م مختلف انڪوائرين تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ اڳوڻي ايس ايس ٺٽو محمد علي وساڻ ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي سفارش ڪئي وئي آهي، نيب موجب اڳوڻي ايس ايس پي ۽ ٻين 2011-12 ۾ ٺٽي ضلعي اندر پوليس ۾ غيرقانوني ڀرتيون ڪيون. نيب موجب غيرقانوني ڀرتين سبب قومي خزاني کي ڪروڙن جو نقصان پهتو. اجلاس ۾ هيپاٽائيٽس کان بچاءُ جي پروگرام مينيجر، روڪيورمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ صحت کاتي جي آفيسرن خلاف ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. نيب موجب جوابدارن اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، جوابدارن هيپاٽائيٽس پروگرام جي فنڊن ۾ ڪروڙن جي خردبرد ڪئي، جوابدارن دوائن جي جعلي فراهمي ڪئي، وڌيڪ قيمتن تي دوائون ورتيون، انڪم ٽيڪس جي ڪٽوتي نه ڪري پئسا ٺاهيا ۽ قومي خزاني کي ڪروڙن جو نقصان پهچايو. اجلاس ۾ حيدرآباد ٽريزري ۾ جعلي پينشن ذريعي اربين رپين جي ڪرپشن بابت انڪوائري کي به انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، نيب موجب جوابدارن جعلي اڪائونٽس ذريعي 2 اربن جي ڪرپشن ڪئي. نيب موجب پاڻ کي ڊي جي نيب سڏائي ماڻهن سان ٺڳي ڪندڙ جوابدار خالد حسين سولنگي خلاف انڪواري انويسٽيگيشن ۾ تبديل ڪئي وئي، جوابدار پاڻ کي نيب چيئرمين ۽ ڊي جي نيب سکر ۽ ڪراچي سڏائيندو هو، جوابدار ماڻهن سان دوکو ڪري پئسا ورتا.