اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

0
176

اسلام آباد جي عدالت ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو

اينٽي ڪرپشن خيبرپختونخواهه کي هڪ هفتي اندر قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

اسلام آباد جي بني گالا ٿاڻي جي پوليس اسد قيصر کي جڊيشل ماجسٽريٽ جي عدالت آڏو پيش ڪندي چيو ته کيس ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسلام آباد پوليس کي ڪنهن ٻئي جي ڪيس ۾ گرفتاري جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟

وڪيل موجب ڪالهه اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ٿيو ۽ اسد قيصر کي گرفتار ڪيو ويو، اسد قيصر کي سياسي انتقام طور گرفتار ڪيو ويو آهي، حفاظتي ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي رهيا آهيون

عدالت چيو ته هن موقعي تي حفاظتي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي، عدالت اسد قيصر کي هڪ هفتي جي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو