اڪري چودڳي: 7 سالن بعد جسقم اڳواڻ ۽ ڪارڪن بري

0
183

اڪري چودڳي (ن پ ا) فيض گنج ٿاڻي تي 17 آگسٽ 2015 تي سرڪار جي مدعيت ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ٿيل ڪيس ۾نامزد  25 ڄڻن کي 7 سالن بعد اي ٽي سي ڪورٽ خيرپور کين باعزت بري ڪري ڇڏيو  آهي

اي ٽي سي ڪورٽ جي جج انعام علي ملڪ ڪيس جون شاهديون ٻڌڻ بعد ستن سالن اندر اهڙو فيصلو ڏنو

دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ سرڪار ڄاڻايو هو ته پڪاچانگ شهر ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ڌرڻو هڻي رياست مخالف نعرا لڳايا هئا

ايڊووڪيٽ راجا الطاف شر 25 ڄڻن تي داخل ڪيس جي پيروي ڪئي، ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس مان باعزت بري ٿيڻ تي خوشي جي لهر  ڇائنجي وئي

بري ٿيندڙن ۾ نيشنل ڪانگريس جو ميمبر خادم حسين، ضلعي نوشهري جسقم اڳواڻ عطاحسين شر،صحافي ساگر اميرحيدر شر،جسقم اڳواڻ شعيب کنڊ ،منصور کنڊ، وقار ڪوري، مصدق ميمڻ ، جسقم ڪارڪن ،لال بخش شر، عابد راڄپر ۽ ٻيا شامل آهن

ھي به پڙھندا

شھيد بشير قريشي جي ڀاڻيجي ۽ سندس معصوم ڌيءُ آزاد