شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ پاپوليشن ويلفيئر جي ملازم عورتن ۽ مردن سِمس اسپتال کان حاڪم زادي، صدف مري، شاهده پروين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن الزام هنيو ته اڪائونٽ اسسٽنٽ ايسر ڄاٽ عورت ملازمن کي مختلف طريقن سان هراسان ڪري دوستي رکڻ لاءِ تنگ  ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته آپريشن دوران بنا اجازت ٿيٽر ۾ اچي عورتن جي توهين ڪري رهيو آهي، کيس سياسي آشيرواڌ حاصل آهي، بدلي ڪري معاملي جي جاچ ڪئي وڃي، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل اڪائونٽ اسسٽنٽ ايسر ڄاٽ چيو ته شھدادپور جي اڪائونٽ اسسٽنٽ سيٽ خالي هجڻ تي کيس اضافي چارج ڏني وئي آهي، جنهن سبب مٿس بي بنياد الزام هنيا پيا وڃن، حاڪم زادي ۽ نواز چنڙ اڪائونٽ اسسٽنٽ جو ڪار وهنوار هلائڻ چاهين ٿا معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي.