اڏيرولال وليج (ن پ ا)  اڏيرولال لڳ ڳوٺ غازي خان ساهووال جي رهواسي امير بخش عرف ليگلو ساھووال احتجاج ڪندي دانهيندي چيو آهي ته ٽي سال اڳ آئون پنهنجي ڪيبن تي ٺيڪي وارو مائو هلائيندو هئس، ڪيس داخل ٿيڻ بعد مون پوليس کي منشيات نه وڪرو ڪرڻ جو قسم نامو لکي ڏنو هو، مون منشيات هلائڻ بند ڪري ڇڏي آهي، پوليس هاڻي  مونکي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، جنهن سبب تنگ ٿي ويو آهيان، هن چيو ته مونسان انصاف نه ٿيو ته آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندس.