اڏيرولاسٽيشن/اڏيرولال وليج (نمائندن وٽان) ھڪ ھفتو اڳ اڏيرولال اسٽيشن واسي اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوي جي بازيابي جي لاءِ جمعيت علماءِ اسلام، انجمن تاجران ڀائو خان پٺاڻ ۽ سياسي سماجي ڌرين  سيٺ دليپ ڪمار، خادم خاصخيلي، حاجي نعيم خاصخيلي ۽ ٻين جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار بند رکيو ويو، احتجاج ڪندڙ اڳواڻن جو چوڻ هو ته واپاري جي اغوا کي ھڪ ھفتو  گذري چڪو آهي  پر اڃان تائين پوليس کيس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، رڳو  دلاسا ڏنا وڃن ٿا، مغوي جي ڪابه خبر ناهي ته هو ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾ آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي مغوي کي بازياب ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.