حيدرآباد (بيورو رپورٽ) وومين ايڪشن فورم پاران سنڌ ۾ عورتن تي تشدد ۽ قتل عام جي واقعن خلاف احتجاج ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته واقعن جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن. گڏوگڏ عدالتي نظام عورتن لاءِ آسان بڻايو وڃي ته جيئن مقتول عورتن جي وارثن کي تڪڙو انصاف ملي سگهي. وومين ايڪشن فورم جي احتجاج ۾ قتل ٿي ويل نارين قرت العين عرف عيني بلوچ، امبرين شيخ ۽ شهلا شاهه جي وارثن به شرڪت ڪئي. عرفانه ملاح ڳالهائيندي چيو ته گذريل اڍائي مهينن دوران سنڌ ۾ 46 عورتن کي پنهنجي ئي گهرڀاتين قتل ڪيو آهي جيڪا ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ڇاڪاڻ ته هاڻي عورتن لاءِ سندن گهر به محفوظ گاهه هئڻ بدران مقتل گاهه بڻجي ويا آهن. هن چيو ته ٻن مهينن دوران 32 عورتون قتل ٿيون جن ۾ 8 عورتن جا قاتل سندن مڙس آهن جڏهن ته ٽن عورتن کي مڙس ۽ ڏيرن گڏجي قتل ڪيو. هڪ ماءُ کي پٽ غيرت جي نالي تي قتل ڪيو. ٻن عورتن کي سهرن ماري ڇڏيو. اهڙي ريت ڏيرن هٿان چار ڀاڄايون قتل ٿيون جڏهن ته ٽن نارين کي ڀائرن ۽ هڪ ڀائٽي کي پنهنجي چاچي موت جي ننڊ سمهاريو. امر سنڌو چيو ته حيدرآباد ۾ تازو قرت العين کي مڙس تشدد ڪري ماريو جڏهن ته امبرين شيخ کي مڙس معصوم ٻار سميت باهه ڏئي ساڙي ماريو. قاتل ته گرفتار آهن پر پوليس اڃا تائين ڪيسن جا چالان جمع نه ڪرايا آهن جنهن ڪري مقتول نارين جا خون لڙهڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو ته عورتن تي وڌندڙ تشدد ۽ قتل عام جي واقعن پاڪستان کي عورتن لاءِ خطرناڪ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت عورتن جي قتل کي گهرو معاملو سمجهي غير سنجيدگي جو مظاهرو پئي ڪري. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت وومين ڊولپمينٽ جي قيام لاءِ قائم ادارن لاءِ جيڪا 60 سيڪڙو بجيٽ رکي آهي ان بجيٽ مان ڪجهه رقم عورتن خلاف ٿيندڙ ڏوهن جي روڪٿام ۽ تشدد جو شڪار عورتن جي ٻيهر بحالي لاءِ قائم سينٽرز تي خرچ ڪرڻ گهرجي. غيرت واري قتل ڪيسن لاءِ پوليس جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر ضرور قرار ڏنو وڃي. پوليس جاچ لاءِ مخصوص وقت رکيو وڃي. هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ قانون ڄاڻيندڙ ڊاڪٽر کي ميڊيڪو ليگل آفيسر طور مقرر ڪري ان جي ٽريننگس کي يقيني بڻايو وڃي ڇاڪاڻ ته قانون کان اڻ واقف ڊاڪٽرن پاران ٺاهيل پوسٽ مارٽم رپورٽون اڻپوريون هجن ٿيون جنهن ڪري قاتل سزا کان بچي وڃن ٿا.