اچو ڙي سُورن واريون!… اهڙا هاڃا ……!!!

0
124
اچو ڙي سُورن واريون!... اهڙا هاڃا ......!!!

 سنڌ ۾ پندرهن سال حڪمرانيءَ جو رڪارڊ رکندڙ پيپلزپارٽي ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازيءَ ۾ به پنهنجو اعليٰ رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ان چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ڪرپشن ۽ پيپلزپارٽيءَ جو پاڻ ۾ چولي ۽ دامن وارو تعلق آهي. سنڌ ۾ مختلف وقتن تي پيپلزپارٽيءَ جاي وزيرن، مشيرن ۽ سندن من پسند ڪامورن جي حيرت ناڪ ۽ اعتبار ۾ نه ايندڙ ڪرپشن جا ثبوتن سان اهڙا ته واقعا ميڊيا جي زينت بڻجندا رهيا آهن جو ٻڌڻ سان ماڻهن کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. تازو پيپلزپارٽيءَ جي هڪڙي وزير مُڪيش چاولا جي گھر مان نيب کي ڇاپي دوران 6 هزار ڪروڙ روڪ هٿ لڳا آهن! سوچڻ جي ڳالھ اها بہ آهي ته جڏهن هڪڙي وزير جي صرف گھر مان ايڏي وڏي تعداد ۾ دولت ملي سگھي ٿي تہ باقي ٻين وٽ سنڌ جو ڦريل خزانو ڪيترو هوندو؟ يا خود مُڪيش چاولا وٽ ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪيتري دولت جمع ٿيل هوندي؟! جڏهن ته مُڪيش، آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول زرداريءَ جي تمام گھڻو ويجھو پڻ آهي. اهو ببي چيو پيو وڃي تہ مُڪيش وٽان نيب کي جيڪو بہ خزانو هٿ آيو آيو  آهي، اهو پاڪستاني ڪرنسيءَ بجاءِ ڊالر، درهم ۽ يورو سميت ٻي غير ملڪي ڪرنسيءَ جي صورت ۾ مليو آهي. مُڪيش چاولا جي گھر ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ دولت رکيل آهي تہ پوءِ سندس گُرو ۽ سندس خاندان جي ميمبرن يا چئوياري جي ٻين ميمبرن وٽ ڇا نہ هوندو؟! تنهن کان علاوه سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مُراد علي شاھ سميت سندس ڪابينا جي ميمبرن ۽ ايم پي ايز سميت من پسند بيوروڪريسيءَ جا ڪيڏا ٺَٺَ هوندا؟!

پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت دوران سنڌ اندر ڪرپشن جو هِي ڪو پهريون واقعو به ڪونهي. ان کان اڳ ۾ بہ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر سراج دُراني ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سميت مختلف وقتن تي مختلف وزير، مشيرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ سندن من پسند ڪامورن، ڪلارڪن ۽ پٽيوالن جي گھرن مان پڻ اربين رپيا ملندا رهيا آهن. دراصل هي سموري دولت بُکون ڪاٽيندڙ سنڌ جي غريب پورهيت عوام جي پگھر، پورهئي ۽ رَتَ سَتَ جي ڪمائيءَ مان چورايل رقم آهي. هِي وڏو الميو آهي تہ هڪ پاسي سنڌ جو غريب، پورهيت ۽ پيڙهيل طبقو ٻن وقتن جي ڳڀي ٽُڪر لاءِ پريشان هجي، پنهنجن ٻارن جي علاج توڙي تعليم جو پورائو نہ ڪري سگھي. زندگيءَ جي سمورين سهولتن ۽ ضرورتن کان محروم هجي. پنهنجين حسرتن، خواهشن، جذبن ۽ ارمانن جو قتل پنهنجين اکين سان ڏسندو رهي. هر روز جيئي ۽ هر روز مرندو رهي. ٻئي پاسي وقت جا حاڪم مغل شهنشاھن جيان عيش و عشرت واري زندگي انجواءِ ڪندا رهن!

مُڪيش چاولا جي گھر مان جيڪي ڇھ هزار ڪروڙ مليا آهن، جيڪڏهن صرف اهي ڇھ هزار ڪروڙ ڪنهن ضلعي جي تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪيا وڃن يا بيروزگار نوجوانن جي روزگار لاءِ سيڙپ ڪري ننڍي سطح تي ڪي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن تہ هزارين بيروزگار نوجوان روزگار سان لڳي پنهنجن پيرن تي بيهي بهتر زندگي گذاري سگھن پيا. جيڪڏهن انهن ئي پئسن مان عورتن کي سلائي ڪرڻ ۽ ڀرت ڀرڻ سميت سکيا جا ٻيا ڪي سينٽر قائم ڪري کين عزت ڀريي طريقي سان روزي ڪمائڻ جا موقعا فراهم ڪري سگھجن پيا. سنڌ ۾ وطن ڪارڊ يا بينظير ڪارڊ سميت ٻين طريقن سان جھڙي ريت عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي، ان مان سنڌي عورت جي هميشه لاءِ جان آجي ٿي پئي سگھي. سنڌ جي ريتن، رسمن، تهذيب ۽ تاريخ ۾ عورت جو تمام وڏو مانُ، مرتبو ۽ رتبو رهيو آهي. پر، اڄ بک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائيءَ ۽ هٿرادو ٻوڏن سنڌين کي اهڙِي مقام تي آڻي بيهاريو آهي جو سندن عورتون پنڻ ۽ عزتون نيلام ڪرڻ تي مجبور آهن. هي جيڪا بہ سنڌ جي صورتحال آهي، جنهن سنڌين کي هن انتها تي آڻي بيهاريو آهي، اها ڪا اوچتو يا حادثاتي ناهي ٿي. ان سموري صورتحال جي ذميوار پيپلزپارٽي ۽ ان جي حڪومت آهي. ۽ پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ سان ڪيل ان سموري واردات ۾ “اصل ڌڻي” پڻ ڀاڱي ڀائيوار آهن. رياست جي خود اها پاليسي آهي تہ سنڌ جو عوام ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ پريشان ۽ پنهنجن ٻين روزمرہ جي مسئلن ۾ الجھيل ۽ ڦاٿل رهي. سنڌي ماڻهو، پنهنجي پيٽ گذر جي خفن ۾ ايترو تہ قابو ۽ پريشان رهي تہ جيئن سنڌ جي قومي ۽ اجتماعي معاملن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ کان لاتعلق، غافل ۽ بيزار هجي. اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ان ايجنڊا جي پورائي لاءِ، پيپلزپارٽيءَ کي شعوري طور ٿورڙي ڇُوٽ ڏيندي آهي تہ ڀلي ڪرپشن ڪري تہ جيئن وقت سِرِ وري کين سوڙهو ڪري وڌيڪ سنڌ دشمن فيصلا ڪرائي سگھجن. ان مان اسٽيبلشمينٽ کي اها به پروپئگنڊا ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي تہ جيئن سياستدانن جي خلاف راءِ عام جوڙي سگھي. عام ماڻهن ۾ اهو تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي تہ ڏسو سياستدان ڪيترا ڪرپٽ، چور، عوام دشمن ۽ نالائق آهن. حقيقت ۾ سچ اهو آهي تہ جيتري ڪرپشن ملڪ جا سياستدان ۽ حڪمران ڪن ٿا، اها اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ان کان 99 فيصد وڌيڪ ملڪ جون سگھاريون ۽ نامعلوم قوتون ڪرپشن ڪن ٿيون. پر، سموري ملڪي تاريخ ۾ انهن کان نہ ڪو پڇاڻو آهي ۽ نه ئي سندن ڪا آڊٽ!

چند ڪرپٽ حڪمران خاندانن کان علاوه، سنڌ جو اڪثريتي عوام هن وقت، فاقاڪشي، ڪسمپرسي ۽ رحم جوڳي حالت مان گذري رهيو آهي. پيپلزپارٽيءَ جي هنن پندرهن ورهين جي حڪمرانيءَ دوران سنڌي ماڻهو جهڙي قسم جي معاشي بدتري، غربت، مفلسي، مهانگائي، بدامني، ڌاڙيل ڪلچر، جاگيردارانا، ظالمانا نظام ۽ پوليس گرديءَ سميت ٻين ڪيترين ئي مصيبتن سان مُنهن ڏئي رهيا آهن، تاريخ ۾ اڳ اهڙي صورتحال ڪڏهن ناهي ڏٺي. سنڌ جو پورهيت عوام هي جيڪا بہ اذيتن ۽ ذلتن ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، اهو سڀ ڪجھ پيپلزپارٽيءَ جي ڪرپشن ۽ ڪارگذاريءَ جو نتيجو آهي. پيپلزپارٽيءَ وٽ نہ تہ سنڌ ڪو مادرِوطن آهي ۽ نہ ئي سنڌي قوم جي دردن ۽ اهنجن جو ڪو احساس يا قدر ۽ قيمت آهي. پيپلزپارٽيءَ لاءِ سنڌ، حڪومت حاصل ڪرڻ جو ڪارڊ ۽ سنڌي عوام صرف ووٽ ڏيڻ جي مشين آهن. ان کان وڌيڪ وٽن، سنڌ ۽ سنڌين جي ڪا بہ اهميت ڪونهي.  آدم  ڳڻپ ۾ بہ سنڌ جي بقا واري سوال تي ڳڻتيءَ  کان وڌيڪ اهميت کين تڪبندين جي آهي. آدم ڳڻپ دوران سمورين سنڌ  دوست پارٽين ۽ سول سوسائٽي ڀرپور احتجاج ڪيو. ترقي پسند پارٽيءَ پاران ڊجيٽل آدم شماريءَ خلاف مارچ مهيني ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪئمپ قائم ڪري 17 ڏينهن مسلسل رات ڏينهن ڀرپور احتجاج ڪرڻ سان گڏ سڄي سنڌ ۾ زبردست احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جو دورو ڪري زبردست جاڳرتا مهم هلائي. سنڌ جي دانشورن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن سان ملاقاتون، ڪارنر گڏجاڻيون، پريس ڪانفرنسون ۽ ڪچهريون ڪري ڊجيٽل آدم شماريءَ جي سازشن، نقصانن ۽ خطرن کان آگاھ ڪيو. ان وقت پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت جي اڪيلي سر مالڪ هجڻ سان گڏ، پي ڊي ايم سرڪار جو حصو ۽ اهم اتحادي بڻيل هئي. پر بدقسمتيءَ سان ان دوران سنڌ حڪومت يا پيپلزپارٽي سنڌ دشمن ڊجيٽل آدمشماريءَ خلاف ڪو به سنجيده عملي ڪردار ادا نه ڪيو.

سنڌ سان وڏو الميو اِهو به آهي ته پيپلزپارٽيءَ جي خلاف متبادل جون ڳالهيون ڪندڙ ڌريون به هن وقت تائين پاڻ کي سنجيدگيءَ سان حقيقي متبادل طور پيش ئي ناهن ڪري سگھيون! صرف زباني ڪلامي مخالفت ڪرڻ ۽ اسٽيجن تان گجندڙ آواز ۾ تقريرون ڪرڻ مسئلي جو حل ڪونهي. ان لاءِ پنهنجا سمورا سُک، آسائشون ۽ آرام ڦٽائڻا پوندا. پاڻ تي جبر ڪرڻو پوندو. پنهنجين خواهشن کي تياڳ ڏيڻو پوندو. تنهنڪري سڀني سياسي مدبرن، اقابرن، گوريلن ۽ چيتن کي سموريون مصلحتون ڇڏڻيون پونديون. سهل پسندي، مصلحتن ۽ لالچن جي جهان مان پاڻ کي ٻاهر ڪڍڻو پوندو. تڏهن ئي، سنڌي ماڻهن کي هنن سمورين غلاظتن مان نجات ڏياري پنهنجي منزل حاصل ڪري سگھجي ٿي.

[email protected]