اچو ته نئين سنڌ اڏيون: سنڌ ۾ تياريون تيز، تقريبون، مچ ڪچهريون

0
185

ڪراچي (نمائندن وٽان) سڄي سنڌ ۾ اچو ته  نئين سنڌ اڏيون، ايڪتا  ڏهاڙي جي سلسلي ۾ تقريبون جاري آهن، مختلف شهرن ۾ مچ ڪچهريون ڪوٺايون ويون

ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي اعلانيل ايڪتا ڏھاڙي کانپوءِ ھڱورجا ۾ به سرگرميون تيز ٿي ويو آهن

ان حوالي سان  جسقم اڳواڻ مجيب آزاد ڀيلار پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي پنھنجي تھذيب ۽ ثقافت تي فخر آھي، 3 ڊسمبر تي جسقم طرفان پوري سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي سان گڏ ملهائينداسين ۽ ريلي ڪڍنداسين، جسقم تعلقي اڳواڻ ڪرم سامٽيو چيو ته 3 ڊسمبر سنڌين جو قومي ڪاڄ آهي، سماجي اڳواڻ سجاد علي آرائين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو  ڀرپور نموني سان ملهائينداسين.

قومي عوامي تحريڪ پاران 3 ڊسمبر تائين سڄي سنڌ ۾ مچ ڪچهرين جو اعلان

 قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ کان 3 ڊسمبر تائين سڄي سنڌ ۾ محبت سنڌ ثقافتي مچ ڪچھري ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ عظيم تھذيب جي سرزمين آھي. سنڌ دنيا کي امن، رواداري ۽ محبت جو پيغام ڏنو آھي. سنڌ جا ماڻھو ڏوھن ۽ ڪرپشن کان نجات چاھين ٿا

سنڌ جي وسيلن تي پھريون حق سنڌ جي ماڻھن جو آھي. ڪرپٽ ماڻھن سنڌ جي وسيلن کي لٽي عظيم تھذيب جي سرزمين جي مالڪن کي فقير بنائي ڇڏيو آھي. اڄ کان 3 ڊسمبر تائين سڄي سنڌ ۾ محبت سنڌ ثقافتي مچ ڪچھريون ڪري تعليم، ميرٽ، شفافيت لاءِ ۽ ڪرپشن، ڏوھن ۽ اليگل اميگرينٽس جي نيڪالي لاءِ جدوجھد جو پيغام ڏنو ويندو

هن چيو ته افغاني، برمي، بنگالي، بھاري ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي. پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا. پوءِ شناختي ڪارڊ ڏنا وڃن ٿا. اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. هن چيو ته ڪراچي ۾ لکين غير قانوني پرڏيھي ويٺل آھن انھن کي نيڪال نه پيو ڪيو وڃي.

قاضي احمد ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، تقريب، گيتن جي گونجار

 ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنهنجي اخبار پاران “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي کي ڀرپور نموني ملهائڻ لاءِ  قاضي احمد ۾ سرگرميون ۽ تياريون شروع ٿي ويون آھن

ان سلسلي ۾ سماجي تنظيم  ھمدرد ٽيم پاران جاڳرتا ثقافتي پروگرام ناز باغ پارڪ ۾ ايڪتا ثقافتي ثقافتي پروگرام  منعقد ڪيو ويو،  پروگرام ۾ نوجوان شھري صحافي فنڪار سنڌي ويس اوڍي اجرڪ ۽ پٽڪا پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئ

نوجوان قومي گيتن تي رقص ڪندا جُھومندا رهيا، راڳي دادن لطيف چانڊيو ۽ عطاءُ الله بالادي قومي گيت ڳائي نوجوانن کي جھومائي ڇڏيون. ٻي طرف   ھمدرد ٽيم جي صدر سيد غضنفر علي شاھ، سماجي شخصيت حاجي رضا محمد مهر، فقير اشرف انڙ، سراج ڪوريجو، توصيف انڙ ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو ڀرپورنموني سان ملهائينداسين.