اچـو تـه “ٻُــڌڻ” جـو فـن سِـکـون !

0
293
هـارڊ وَرڪ يا سـمارٽ وَرڪ

  جڳ مشهور سائنسدان آئن اسٽائن، دنيا جو ذهين ترين دماغ وارو انسان قرار ڏنو ويو آهي. 1955 ۾ هُو جڏهن مري ويو ته سندس دماغ جي آپريشن ڪري ميڄالو ڪڍيو ويو جيڪو اڄ به محفوظ آهي ۽ ان تي نِيورو سائنس جا وڏا ماهر تحقيق ڪري رهيا آهن. آئن اسٽائن جڏهن ننڍو هو ته پنجن سالن جي عمر تائين هُن ڳالهايو نه هو. سندس والدين پريشان هوندا هيا ته انهن جو ٻچڙو آخر ڳالهائي ڇو نه ٿو. ڊاڪٽرن موجب هي ٻار گونگو ناهي، پر ڄاڻي واڻي نه ٿو ڳالهائي. سندس ماءُ،  پنهنجي پٽ جو بيحد خيال ڪندي هئي. ماءُ هڪ ڏينهن پُٽ کي گرم سُوپ پيئڻ لاءِ ڏنو ته ٻار هڪدم چيو: “The soup is too hot” سندس ماءُ خوشي ۾ رڙ ڪئي ۽ سڀني کي ٻڌايو ته اڄ سندس پُٽ ڳالهايو آهي. آئن اسٽائن کان پڇيائون ته جڏهن توکي ڳالهائڻ ايندو به آهي ته ڳالهائيندو ڇو ناهي؟ جواب ڏنائين”Everything was in order before this” يعني هِن کان اڳ هر شيءَ ترتيب ۾ ٺيڪ پئي هلي ته مان خاموش هئس، اڄ جڏهن سُوپ گرم مليو آهي ته مون کي ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس ٿي ۽ مون ڳالهايو، باقي اجايو بي سبب ڳالهائي ڪري لفظن ۽ توانائي جو زيان ڇو ڪيان.

اسان وڏا مقرر به آهيون، بهترين ليڪچر به ڏئي وڃون ٿا پر سٺا ٻُـڌنـدڙ ناهيون. گھر ۾ هجون يا هوٽل ۾، محفل ۾ هجون يا ڪلاس روم ۾، آفيس ۾ يا ڪچهريءَ ۾، اسان کي وچ ۾ ڳالهائڻ جي عادت  آهي. ڳالهه ٻولهه دوران هڪ ماڻهو ڳالهائيندو ته ٻيو هڪدم وچ ۾ ڳالهائڻ شروع ڪندو، اڃا اُهو وچ ۾ ڳالهائڻ وارو ڳالهائي رهيو هوندو ته وري ٽيون ماڻهو وچ ۾ وري ڪئنچي هڻندو. قدرت پاران انسان کي ٻُـڌڻ لاءِ ٻه ڪنَ ۽ ڳالهائڻ لاءِ زبان هڪ مليل آهي. ان فارمولي مان مطلب صاف ظاهر ناهي ته ڳالهائجي گھٽ ۽ ٻُـڌجي وڌيڪ؟

انگريزي ٻوليءَ ۾لفظ ‘ٻُـڌڻ’ لاءِ ٻه لفظ آهن: Listening  ۽ Hearing. انهن ٻنهي لفظن لاءِ سنڌي ڊڪشنريءَ ۾ هڪ ئي لفظ ‘ٻُـڌڻ’ آهي. جڏهن ته مون (راقم) Listening   لاءِ ‘ٻـوڌ’ جو لفظ جوڙيو آهي. باقي Hearing  لاءِ اهو ساڳيو لفظ ‘ٻُـڌَڻ’ اڳواٽ ئي موجود آهي. هتي توهان اِهو سوچيندا هوندا ته لفظ به ٺاهبا آهن ڇا؟ ته ان جو سادو جواب آهي ته، جي ها، بلڪل! ٻولين اندر اهڙا تجربا ڪرڻ گهرجن. جڏهن ٽيليويزن ايجاد ٿي ته هندستان وارن ‘دوردرشن’ ۽ عربن ‘تِـلفزيون’ جا لفظ جوڙيا. ٻولين جي واڌ ويجهه لاءِ ٻين ٻولين جي لفظن کي پنهجي ٻوليءَ جي ويس پارائڻ لاءِ لفظ جي بڻ بنياد ۽ پاڙ، لسانياتي ساخت ۽ صوتياتي جڙتِ کي نظر ۾ رکندي، نوان لفظ جوڙبا آهن، جنهن کي Etymology چون ٿا.

اڪثر ماڻهو Listening  ۽ Hearing جي لفظن جي بنيادي فرق جي ڄاڻ نه هجڻ سبب ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ڪندا آهن. Listening  مان مراد ‘شعوري ۽ تفهيمي سماعت’ آهي، جنهن ۾ ماڻهو ارادي طور، توجهه سان ڌيان ڏئي ٻُـڌندو، سمجهندو ۽ تجزيو ڪندو آهي. مثال ڪا تقرير، ليڪچر،انٽرويو دوران سوال جواب ٻُـڌڻ، يا ڪوبه اهڙو آواز جنهن کي توهان ٻُـڌڻ لاءِ پنهنجي ڪنن کي ارادي طور متوجهه ڪيو هجي. جڏهن ته Hearing مان مراد غير شعوري سماعت آهي. يعني اهڙي گفتگو جنهن ۾ توهان دلچسپي نه وٺو ۽ بي دِليا ٿي ڪري ٻـڌو يا وري اهڙا آواز جيڪي توهان جي آس پاس ۾ ٿيندا هجن ۽ توهان کي مجبوري طور ٻڌڻا پون. مثال، بس اسٽينڊ تي گاڏين جا هارن، روڊ جو شور و غُل ۽ ٻيا کڙڪا وغيره.

اسان اڪثر ادبي تقريبن، سياسي جلسن ۽ موسيقيءَ جي محفلن ۾ ڏسندا آهيون ته پنڊال ۾ موجود ماڻهن جي اڪثريت رڳو هيئرنگ ڪندي آهي. مقرر تقرير ڪري رهيو هوندو آهي ۽ پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو پاڻ ۾ڪچهري پيا ڪندا آهن. سٺي مقرر توڙي فنڪار کي سٺا ٻُـڌنـدڙ گهربل هوندا آهن. سٺا گلوڪار اڪثر شادي جي هُل هنگامي جي ڪمائيءَ وارن پروگرامن بدران سٺن ٻُـڌنـدڙن جي محفل کي ترجيح ڏيندا آهن، فنڪار ڪيريئر جي شروعات ۾ شهرت لاءِ، شهرت ملڻ کان پوءِ پئسا ڪمائڻ لاءِ ۽ آخر ۾ سُٺن ٻُـڌنـدڙن لاءِ ڳائيندا آهن.

ٻُـڌڻ يعني سماعت جي مهارت جا ڪيترائي نمونا آهن. همدرداڻي سماعت، تعصباڻي سماعت، پيچيده سماعت، مُفصل سماعت، تجزياتي سماعت ۽ فيصلائتي سماعت وغيره. اسان پنهنجي روزاني ڪميونيڪيشن ۾ ٻُـڌڻ جي ٻنهي قسمن يعني لِسنـنگ ۽ هيئرنـگ ڪندا آهيون. اسان ڳالهائڻ واري جي عمر، عهدي ۽ اِسٽيٽَس مطابق ماڻهن کي لِسننگ يا هيئرنگ ڏيندا آهيون. ڪجهه ماڻهن کي هيئرنگ ڏيندا آهيون ته ماڻهن کي لِسننگ. اسان ڪنهن جي به گفتگو ٻُـڌڻ کان اڳ ۾ ڳالهائڻ واري جي شخصيت، حيثيت ۽ اهميت جي تڪ طور ڪرڻ کان پوءِ ئي اُن کي ٻُـڌندا آهيون. اگر ڳالهائيندڙ وڏي عهدي، ظاهري مان شان وارو هوندو ته ان کيListening  ڏبي بلڪه خوبصورت مرڪ، وڻندڙ باڊي لئنگئيج ۽ تعريفي لفظن سان، ڏند ٽيڙي واهه واهه پڻ ڪبي. اگر ڳالهه ڪندڙ سادو سُـودو غريب درويش منش هوندو ته اُن کي وائڙو بڻجي Hearing ڏبي، ڀلي اُهو وڏي علم وارو ۽ ڏاهو ڇو نه هجي. اسان اولاد، گھر ڀاتين ۽ دوستن کي ٻُـڌڻ دوران ڪنڌ ئي مٿي نه کڻندا آهيون. ڦرڻي ڪرسيءَ وارو صاحب پنهنجي ماتحت کي ٻڌڻ دوران ليپ ٽاپ يا موبائيل مان ڪنڌ ئي مٿي نه کڻندوآهي، اُتي ئي جيڪڏهن سندس باس جي ڪال اچي ويندي ته اُڀو ٿي ويندو ۽ ‘جي سر، جي سر’ واري سائين ميان واري ٻولي ٻوليندو. عام ماڻهوءَ کي ٻُـڌڻ وقت اسان موبائل مان اک ئي نه ڪڍندا آهيون، غريب ڳالهائيندو رهندو آهي ۽ اسان ‘ هُون هان، جي، اَڇا’ چوندا رهندا آهيون ۽ پوءِ وري آخر ۾ چوندا آهيون: ‘معاف ڪجانءِ يار، ٿورو بِزي هئس. تون ٻڌاءِ، تو ڪجهه چيو پئي!’.

اڪثر ٻار دير سان ڳالهائڻ شروع ڪندا آهن ۽ والدين ٻار جي گھٽ ڳالهائڻ سبب پريشان رهندا آهن ۽ ڊاڪٽرن کي ڏيکاريندا آهن پر مجال آهي ڪو پيءُ ماءُ اِها شڪايت ڪري ته سندن ٻار سٺو ٻُـڌنـدڙ ناهي ۽ ان جو حل ڪڍجي. گھر ۾ والدين توڙي اسڪول ۾استاد، ٻارن جي ڳالهائڻ جي صلاحيت تي زور ڏيندا آهن. اگر استاد پنهنجي تدريس ۽ تربيت ۾ ٻارن جي شخصيت ۾ سمعي مهارت کي اجاگر  ڪري ته ٻارن ۾ ننڍپڻ کان ئي غور سان ٻڌڻ جو معدو پيدا ٿي سگهي ٿو. آسٽريليا جي هڪ لسانيات جي ماهر ‘وِلگا رِورس’Wilga Rivers)) چيو هو ته “جڏهن اسان ڳالهائيندا آهيون ته ان کي ٻه ڀيرا ٻڌندا آهيون، پڙهندا آهيون ته چار ڀيرا ۽ لکندا آهيون ته پنج ڀيرا ٻڌندا آهيون.”

والدين جي استادن سان عام شڪايت اِها هوندي آهي ته ٻار ۾ اعتماد ناهي ۽ چئن ماڻهن جي وچ ۾ ڳالهائڻ کان گھٻرائي ٿو. والدين ۽ ٻارن وٽ اعتماد جي هڪڙو ئي پئراميٽر هوندو آهي ته ٻار سڀني جي سامهون يا اسٽيج تي ڳالهائي وڃي يا طوطي واري رٽيل تقرير ڪري وڃي. ٻُـڌڻ جي صلاحيت سندن ليکي ۾ ئي نه هوندي آهي.

قرآن شريف ۾ 19 ڀيرا ‘سمع و بصر’ يعني ٻُـڌڻ ۽ ڏسڻ جو ذڪر ڪيل آهي ان ۾ سَـمع يعني ٻُـڌڻ جي ذڪر پهريون ۽ ڏسڻ جو بعد ۾ ڪيو ويو آهي. سُورت فُرقان ۾ ڳالهه کي غور و فڪر سان نه ٻڌڻ وارن کي جانورن کان به بدتر قرار ڏنو ويو آهي. لِنگُئسٽِڪس جي سياق و سباق ۾ ٻوليءَ جون چار مهارتون آهن: ٻڌڻ (Listening) ، ڳالهائڻ (Speaking)، پڙهڻ(Reading)  ۽ لکڻ (Writing) ان لسٽ ۾ پهرئين نمبر تي ‘ٻُـڌڻ’ جي مهارت آهي، ڇو ته ٻار جنم جي پهرئين پل کان ٻوليءَ جي چئني مهارتن مان ‘ٻُـڌڻ’ جي مشق ٿو ڪري. ڄمڻ جي لمحي کان وٺي ڇهن مهينن تائين ٻار صرف ٻُـڌي ٿو.

‘ٻوڌ’ يعني لِسننگ جي صلاحيت کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻُـڌڻ وقت ڪجهه ڳالهيون ذهن ۾ رکجن. مثال طور: اکين جو اکين سان رابطو، هلڪي مرڪ ڏيڻ، وچ ۾ ڳالهه نه ڪٽڻ، ضرورت پوڻ تي وچ ۾ ڳالهائڻ جي اجازت وٺي ڳالهائڻ، ڳالهائيندڙ جو جملو يا لفظ ورجائڻ، مختصر سوال پڇڻ، ڳالهائيندڙ جي لفظن ۽ جملن موجب باڊي لئنگئيج جو استعمال ڪرڻ، ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ڳالهه جو تجزيو ڪندو رهڻ ۽ آخر ۾ ان ڳالهه جو اندازو ڪرڻ ته توهان ڳالهائيندڙ جي گفتگو جو متن ڪيترو سيڪڙو سمجهيو.