حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ڪرسمس مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد سميت ملڪ ۾ رهندڙ عيسائي برادري جا ماڻهو خصوصي عبادتون ڪندا. حيدرآباد ۾ قائم چرچن کي رنگ برنگي بتين سان سجايو ويو آهي. ڪرسمس جو ڏهاڙو حضرت عيسيٰ عه جي ولادت جي ڏهاڙي طور ملهايو ويندو آهي. عيسائي برادري جي ماڻهن گهرن ۾ ٽريز پڻ سجايا آهن. ڪرسمس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا آهن.