اپوزيشن پاران اليڪشن بل تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو

0
261

اسلام آباد: اپوزيشن پاران اليڪشن بل تي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جو بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان سان فون تي رابطو، بلاول ۽ فضل الرحمان به اَي پي سي سڏائڻ جِي حمايت ڪري ڇڏي، بلاول ڀٽو چيو ته، اَي پي سي شفاف چونڊن لاءِ قومي اتفاق راءِ ۾ اهم موقعو بڻجي سگهي ٿي، شهبازشريف چيو آهي ته، اَي پي سي ۾ اپوزيشن جِي سمورين جماعتن سان گڏ چونڊن جِي نگراني ڪندڙ تنظيمن ۽ ادارن کي به شرڪت لاءِ دعوت ڏني ويندي.