ڪوئيٽا (م ڊ) عيد ختم ٿيندي ئي اپوزيشن پاران حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو مشن شروع ٿي ويو، سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان، اڄ پشين ۽ چمن ۾ جلسا ٿيندا، ان ڏس ۾ اپوزيشن پارٽين جي ڪوئيٽا ۾ ويهڪ ٿي، بلوچستان عوامي پارٽي جي سربراهه اختر مينگل جي سربراهي ۾ اپوزيشن جي 6 پارٽين جو اجلاس ٿيو، چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاجي تحريڪ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ مشاورت ڪئي وئي، اجلاس ۾ ملڪگير احتجاجي جسلن جي شيڊول تي به غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، بي اين پي مينگل سربراهه، اختر مينگل، پشتونخوا مئپ سربراهه محمود اچڪزئي، ايم ڊبليو ايم جي علامه راجا ناصر عباس، سني اتحاد ڪائونسل جي صاحبزاده حامد رضا، جماعت اسلامي جي لياقت بلوچ شرڪت ڪئي، 6 جماعتي اپوزيشن اتحاد جي اجلاس بعد عمر ايوب، اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪئي.عمر ايوب چيو ته اپوزيشن تحريڪ جو صدر محمود خان اچڪزئي کي نامزد ڪيو ويو آهي، تحريڪ جو نالو تحريڪ تحفظ آئين رکيو ويو آهي، رابطا ڪاميٽي ٺاهي رهيا آهيون، اسان جو اتحاد ٺهڻ وارو آهي، هي ٻي ميٽنگ هئي، هن چيو ته فارم 47 جي ٺهيل حڪومت کي رد ڪريون ٿا، جتي قانون جي پاسداري نه هجي اتي خوشحالي ناهي ايندي، عمر ايوب چيو ته تحريڪ جي شروعات بلوچستان کان ڪري رهيا آهيون، اڄ پشين ۽ چمن ۾ جلسا ٿيندا، ڪراچي ۾ 27 اپريل تي جلسو ٿيندو، سڄي ملڪ ۾ آواز اٿارينداسين، پنجاب ۾ 3 جلسا ٿيندا، هن چيو ته جيڪي سمجهن پيا ته پي ٽي آءِ ختم ٿي وئي ته اها سندن ڀل آهي، هن چيو ته هن وقت پي ڊي ايم ٽو حڪومت ٺاهي وئي آهي، ملڪ ۾ هڪ نه پر ٻه قانون هلي رهيا آهن، الائنس هڪ پوائنٽ ايجنڊا تي متفق آهي ته آئين ۽قانون جو احترام ڪيو وڃي، ان سان ئي سيڙپڪاري ايندي، هن چيو ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون نالي ڪاءِ شئي ڪونهي، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هئڻ گهرجي، آئين ۽ قانون جي بالادستي هوندي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ايندي ۽ سيڙپڪاري ايندي ته ملڪ ۾ ڪاروبار هلندو، ان موقعي تي لياقت بلوچ چيو ته اجلاس جي پڌرائي سان اسان جو اتفاق آهي، عوام کي ڀت سان لڳايو ويو آهي، ان جو مينڊيٽ تسليم نه پيو ڪيو وڃي، پنهنجي شوريٰ اجلاس بعد حتمي موقف سامهون رکنداسين، حامد رضا چيو ته سني اتحاد ڪائونسل تحريڪ ۾ اول دستي جو ڪردار ادا ڪندو، آئين پاڪستان کي ان جي روح موجب بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، هي تحريڪ ملڪ جي سڀ کان وڏي تحريڪ طور سامهون ايندي، اختر مينگل چيو ته تحريڪ بنياد جو اعلان ڪيو ويو ان جي شروعات 20 سال اڳ ٿيڻ گهرجي ها، ان وقت تحريڪ شروع ٿئي ها ته اڄ هي حالتون نه هجن ها.

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حڪومت مخالف اتحاد پاران سنڌ ۾ به مختلف جماعتن سان رابطا ڪيا ويا، ان حوالي سان  بي اين پي سربراھه اختر مينگل قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ترجمان موجب اختر مينگل اياز لطيف کي اپوزيشن اتحاد ۾شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، کيس اياز لطيف پليجو چيو ته ڪيو اي ٽي جي مرڪزي اجلاس ۾ اوهان جي دعوت تي غور ويچار ڪرڻ بعد فيصلو ڪيو ويندو.