اپوزيشن حڪومت خلاف بي اعتمادي رِٿ جو مسودو تيار ڪري ورتو

0
228
اپوزيشن حڪومت خلاف

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) اپوزيشن حڪومت خلاف بي اعتمادي رِٿ ۽ قومي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ ريڪيوزيشن جو مسودا تيار ڪري ورتو، جنهن سلسلي ۾  اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي چئمبر کي الرٽ ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب تجويز ڪيل مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ غير يقيني صورتحال آهي، پرڏيهي پاليسي مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي جڏهن ته قائد ايوان هن ايوان جي اڪثريت جو اعتماد وڃائي چڪو آهي، جنهن ڪري ايوان جي قائد خلاف عدم اعتماد رٿ پيش ڪئي پئي وڃي

 ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز ليگ کي ريڪيوزيشن جمع ڪرائڻ جي ذميواري ڏني وئي، جيڪا ڪنهن به وقت اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ٿي سگهي ٿي

ذريعن جو چوڻ آهي بي اعتمادي رِٿ جي مسودي تي پ پ، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ  سوڌو اپوزيشن جي 80 ميمبرز جون صحيون ٿيل آهن

واضح رهي ته حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ لاءِ مخالف ڌر جون پارٽيون سرگرم آهن ۽ ان حوالي سان سياست جي وڏن رانديگرن جون ملاقاتون به جاري آهن جڏهن ته ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله رٿ جي ڪاميابي جي دعويٰ به ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

نواز شريف بي اعتمادي رٿ تي اپوزيشن کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو