راولپنڊي(م ڊ) وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو آهي سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي ته قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ مان به حڪومت جو هر بل منظور ٿي وڃي ٿو، اندران 14کان 15 ماڻهو عمران خان سان گڏ آهن. راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد چيو ته اپوزيشن حڪومت جي خلاف ڪجهه نه پئي ڪري، بلاول زرداري 27 فيبروري تي اچي، فضل الرحمان کي به اچڻ جو شوق آهي ته اهو به اچي، اسلام آباد جي موسم ڪهڙي هوندي ۽ ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال ڇا هوندي، اڃا ان ۾ وقت آهي. هن چيو ته ڌرڻن ۽ لانگ مارچ سان ڪجهه ٿيڻ وارو ناهي، ساڍن ٽن سالن ۾ اپوزيشن کي ڪا ڪاميابي نه ٿي آهي ۽ هاڻي به نه ٿيندي، مان چيو هو فنانس بل سينيٽ مان منظور ٿي ويندو، سڀني کي خبر پئجي چڪي آهي ته قومي اسيمبلي کانپوءِ سينيٽ مان به حڪومت جو هر بل منظور ٿي وڃي ٿو، اندر کان 14کان 15 ماڻهو عمران خان سان گڏ آهن، بي اعتمادي واري ڳالهه ڪندڙن کي خبر هجڻ گھرجي ته ماڻهو آڻڻا پوندا آهن. سندس چوڻ هو ته خبر ناهي پوندي اقتدار ۾ وقت ڪيئن جلدي گذري رهي آهي، وزيراعظم چيو آهي ته ٽي مهينا اهم آهن، پي ٽي آءِ مڪاني چونڊون ڀرپور طريقي سان وڙهيندي ۽ ڀرپور ڪردار نڀائڻ سان گڏوگڏ ڪاميابي به ماڻيندي.