اپر ڪرم: اسڪول ۾ فائرنگ: 8 استاد مارجي ويا

0
219
اپر ڪرم: اسڪول ۾ فائرنگ: 8 استاد مارجي ويا
اپر ڪرم: اسڪول ۾ فائرنگ: 8 استاد مارجي ويا

خيبرپختونخواهه جي ضلعي ڪرم جي علائقي اپر ڪرم ۾ هاءِ اسڪول ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 8 استاد مارجي ويا آهن

پوليس موجب اسڪول ۾ امتحان جاري هئا، هٿياربند اسڪول تي حملو ڪري استادن کي پهريان يرغمال بڻايو ۽ پوءِ قتل ڪري ڇڏيو

پوليس جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ اسڪول جي اسٽاف روم ۾ ڪئي، مارجي ويل سمورا استاد امتحاني ڊيوٽي تي هئا

واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو، جڏهن ته مارجي ويل استادن جا لاش اسپتال منتقل ڪري ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

اتر وزيرستان: فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهڙپ، 6 اهلڪار شهيد، 3 دهشتگرد مارجي ويا