اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان چيو آهي ته رمضان ۾ اٽي جي 20 ڪلو جي قيمتن ۾ 68 رپيا اضافو ٿيو آهي، مارڪيٽ ۾ کنڊ ناياب ٿي چڪي آهي، هڪ هفتي ۾ مهانگائي جي شرح 17.68 سيڪڙو رهي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته حڪومت ڪورونا تي ضابطو آڻي نه سگهي آهي نه ئي حڪومت مهانگائي جي جن تي ڪنٽرول ڪري سگهي آهي، عوام هڪ طرف ڪورونا جو مقابلو ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف مهانگائي جو، پر حڪومت اڃا به ڪنٽينر تي بيٺل آهي.