ورڪشاپ: ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اٺ مالڪ سومر بهڻ جي سئوٽ صدورو بهڻ چيو ته اسان جي اٺ جي ڄنگهه وڏيري غلام رسول شر جي ماڻهن وڍي آهي، پوليس وڏيري غلام رسول شر کي بچائڻ لاءِ بي گناهه ماڻهو ٻڌي رهي آهي، پوليس رات دير سان زوريءَ منهنجي سئوٽ کي ٿاڻي تي کڻي وئي هئي، 2 جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي تي آندو ويو، پوليس چيو ته هنن ماڻهن جا نالا کڻو ته ڪيس داخل ڪريون، اسان بي گناهه ماڻهن جا نالا کڻڻ کان انڪار ڪيو، جنهن بعد پوليس پنهنجي مرضيءَ سان ڪيس داخل ڪيو.