اُڦٽ مار حڪيمن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار … امتياز کوسو حيدرآباد مان لکي ٿو

0
113
اُڦٽ مار حڪيمن ۽ عطائي ڊاڪٽرن جو آزار ... امتياز کوسو حيدرآباد مان لکي ٿو

حيدرآباد جي ٻهراڙين کانپوءِ عطائي ڊاڪٽرن ۽ اُڦٽ مار حڪيمن شهر جي پوش علائقن جو رخ ڪري ورتو آهي، جتي مسواڙ تي جايون وٺي اسپتالون قائم ڪري ڇڏيون آهن. قاسم آباد، لطيف آباد، سٽي ۽ ٻهراڙي تعلقن جي شهري علائقن ۾ عطائي ڊاڪٽرن جون اسپتالون 24 ڪلاڪ هلڻ باوجود صحت کاتو سندن خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هونئن ته چئني تعلقن ۾ هر هنڌ اهڙي قسم جا عطائي طبيب ۽ نيم حڪيم مطب ۽ دواخانا قائم ڪري ويٺل آهن.

                 گذريل ڏينهن طبيعت ۾ ناچاڪي کانپوءِ دل ۾ خيال آيو ته ڇو نه “پنهنجي اخبار” جي ڪالم نگار ڊاڪٽر عزيز ٽالپر جي اسپتال وڃي دوا وٺي اچان. اتفاق سان ڊاڪٽر عزيز ٽالپر اسپتال ۾ موجود نه هو، جنهن بعد قاسم آباد جي واڌو واهه روڊ تي قائم هڪ مارڪيٽ ۾ ويٺل ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ ٿيو. ڄاڻايل ڊاڪٽر ڏانهن وڏي هام هڻي وٺي ويندڙ برگر واري دوست ٻڌايو ته مختلف اسپتالن ۾ وڏن عهدن تي رهيو آهي پر هاڻي هو مستقل بنيادن تي ڄاڻايل علائقي ۾ اسپتال هلائي ٿو. ڊاڪٽر جو انتظار ڪندي اڌ ڪلاڪ گذري ويو پر ڊاڪٽر نه پهتو، جنهن ڪري بار بار سندس ڪمپائونڊر کان پڇا پئي ڪئي ته ڊاڪٽر ڪيڏي مهل ايندو؟ ته ڪمپائونڊر اهو ئي جواب ڏئي مطمئن پئي ڪيو ته ڊاڪٽر عمارت جي مٿئين حصي ۾ موجود مريضن جي علاج ۾ مصروف آهي، بس اجهو هيٺ ايندو. نيٺ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. ڪلاڪ انتظار ڪرائي ڊاڪٽر هيٺ لٿو ته ويهڻ واري ڪرسي توڙي ٽيبل مٽيءَ سان ڀريل ڏسي هن پنهنجي ڪمپائونڊر کي سڏ ڪيا پر هن سندس سڏ نه ورنايو. جنهن بعد هن رڙيون ڪري ٻئي ڪمپائونڊر کي سڏ ڪيو، اهو جڏهن ڊاڪٽر وٽ پهتو ته کيس ڇنڊ پٽيندي ڊاڪٽر چيس ته اسپتال ۾ صفائي سٿرائي نٿا ڪريو. اسپتال جي خراب حالت ڏسي مريض ڇا سوچيندا؟ جنهن بعد مريضن جو تعداد به گهٽجي ويندو. ايتري ۾ ڊاڪٽر بلڊپريشر چيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر بي پي ايپرٽس عمارت جي مٿيئن حصي ۾ رهجي وڃڻ سبب هن ٻيهر ڪمپائونڊر معرفت اهو هيٺ گهرائي بي پي چيڪ ڪيو. مون کان ڊاڪٽر پڇا ڪئي ته اوهان کي ڪهڙي بيماري آهي؟ جنهن تي مون وراڻيو ته ڊاڪٽر صاحب جيڪو کاوان ٿو، اهو هضم نٿو ٿئي. ان تي ڊاڪٽر وراڻيو ته سندس ڏنل دوا کائڻ سان 5 منٽن اندر هاضمو سيٽ ٿي ويندو ۽ پوءِ اوهان اٺ جو گوشت به آساني سان کائي ويندا. ڊاڪٽر پرچي تي دوائون لکي ڪمپائونڊر ڏانهن اماڻيو، جنهن بعد هو پاڻ به دوائن واري روم ۾ ويو، جتان هڪ انجيڪشن ڀري ٻاهر آيو. ڊاڪٽر جي هٿ ۾ انجيڪشن ڏسي خوف ٿيو پر تڪليف گهڻي هئڻ سبب برداشت ڪري انجيڪشن لڳرائي. جنهن بعد ڊاڪٽر 6 گوريون ڏنيون ۽ چيو ته 3 هينئر ۽ 3 وري رات جو سمهڻ مهل کائي ڇڏجان. ڊاڪٽر ويندي مهل چيو ته اوهان صبح جو مون وٽ اچجو ته هڪڙي ڊرپ لڳائيندس ته جيئن اوهان فوري طور تي صحتياب ٿي وڃون. ڊاڪٽر جي ڊرپ واري تجويز ٻڌي کِل به ٿي پر پڇيومانس ته ڊاڪٽر صاحب! هاضمي سان ڊرپ جو ڇا وڃي؟ جنهن تي ڊاڪٽر وراڻيو ته هن بنهه گهڻا ڪتاب پڙهيا آهن، ان ڪري کيس ڄاڻ آهي ته ڪهڙي دوا ڪهڙي مرض تي اثر ڪندي. ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويندڙ برگر واري دوست کيس 200 رپيا في ڏني، جنهن بعد اسان واپس روانا ٿياسين. ڊاڪٽر جي انجيڪشن تي وقتي طور ته فائدو ٿيو پر انجيڪشن جو اثر ختم ٿيڻ کانپوءِ منهنجي ساڳي حالت ٿي وئي. 2 ڏينهن لاڳيتو ڊاڪٽر جون گوريون به کاڌيون پر حالت جيئن جو تيئن برقرار رهي. ڄاڻايل ڊاڪٽر جي اسپتال ۾ ليڊيز واري حصي ۾ 3 کان 4 عورتون بسترن تي نظر آيون، جن کي ڊرپون لڳل هيون، جڏهن ته مردن واري حصي ۾ به ڪجهه مريض نظر آيا، جيڪي پڻ دوا جي انتظار ۾ ويٺل هئا. برگر واري دوست ٻئي ڏينهن ته فون ڪري طبيعت معلوم نه ڪئي پر ٽئين ڏينهن پڇا ڪئي ته لڳي ٿو اوهان ٺيڪ ٿي ويا آهيو، ان ڪري ڊاڪٽر وٽ ڊرپ لڳرائڻ نه آيا. مون کانئس پڇا ڪئي ته اهو مشهور ڊاڪٽر آخر ڪهڙي اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪري آيو آهي؟ هن ٻڌايو ته ڪافي اسپتالن ۾ ڪم سرانجام ڏنو اٿس ۽ هاڻي رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي اسپتال کولي ڇڏي آهي پر مقامي ماڻهن ٻڌايو ته ڊاڪٽر وٽ ڪا به ڊگري ناهي ۽ هو ايئن ئي پاڻ کي وڏو ڊاڪٽر سمجهي اسپتال کولي هلائي ٿو. اها رڳو هڪ اسپتال جي ڪهاڻي آهي پر مجموعي طور شهر جي چئني تعلقن ۾ هر هنڌ سيکڙاٽ/ان ڪواليفائيڊ ڪمپائونڊر ويهاري نه ڄاڻ ڪيترا عطائي ڊاڪٽر انساني جانين سان کيڏندا رهن ٿا پر کين ڪو به روڪڻ وارو ناهي.

جيڪڏهن قاسم آباد تعلقي جو جائزو وٺجي ته ڀٽائي ٽائون، ماروي ٽائون، سحرش نگر، علي پئلس ۽ سٽي تعلقي جي حالي روڊ، گلشن خير محمد، ٽنڊو يوسف، ڦليلي، پڃراپور، آفندي ٽائون، لياقت ڪالوني، صائمه پلازه ۽ هالا ناڪي ۾ پڻ سوَن جي تعداد ۾ عطائي ڊاڪٽر، نيم حڪيم، نرسون ۽ دايون اسپتالون کولي ويٺل آهن، جتي مريضن جو علاج ڪرڻ بدران تجربا ڪري کين ماريو ڇڏين. ساڳي صورتحال لطيف آباد تعلقي جي اماني شاهه ڪالوني، ڪوهسار، ربيع الاول چوڪ، بچاءُ بند وارا علائقا به عطائي ڊاڪٽرن کان خالي نه آهن، جڏهن ته تعلقي ٻهراڙي جي هوسڙي، ٽنڊو حيدر، ٽنڊو ڄام، ڏيٿا اسٽيشن، ٽنڊو فضل، ٽنڊو عالم مري ۽ سيري ۾ به عطائي ڊاڪٽرن جا ڪٽڪ اسپتالون کولي ويٺل آهن، جتي هو علاج لاءِ ايندڙ غريب ۽ مسڪين ماڻهن کان رڳو انجيڪشن لڳرائڻ جا 2 کان 300 رپيا في ۽ ڊرپ لڳرائڻ جا 500 کان 800 رپيا وٺي رهيا آهن. مختلف وقتن تي عطائي ڊاڪٽرن خلاف عدالتي حڪم تي به ڪارروايون ٿينديون رهيون آهن پر هو ٻيهر پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري صحت کاتي جي انتظاميا کي مبينا رشوت ڏئي سيل ٿيل اسپتالون پاڻ کولي ويهي رهن ٿا.

حيدرآباد سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر آهي، جتي ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ جي آفيس هئڻ سميت ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ ڊرگ انسپيڪٽر جي آفيس به قائم ٿيل آهي پر ٽنهي شعبن جا عملدار عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي نٿا ڪن، جنهن ڪري نيم حڪيم، عطائي ڊاڪٽر توڙي سيکڙاٽ نرسون تيز بخار دوران مريضن کي انجيڪشنون لڳائي ۽ غلط دوائون ڏئي بي موت ماريو ڇڏين يا وري هو ٻين موذي مرضن ۾ مبتلا بڻجي هميشه لاءِ اپاهج به بڻجيو وڃن. صحت کاتي جي عملدارن کي گهرجي ته اهي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪريڪ ڊائون کي اثرائتو بڻائين ته جيئن مستقل بنيادن تي سندن اسپتالون بند ٿي سگهن.