اي سنڌيو مُون اُٺ سان انصاف ڪجو…!

0
12
اي سنڌيو مُون اُٺ سان انصاف ڪجو...!

 آئون هڪڙو گُگدام اُٺ آھيان، منهنجو ڀلا ڪهڙو ڏوھ هو، جو ڀٽائيءَ، سچل ۽ ساميءَ جي نگريءَ سنڌ ۾ مُون سان هيڏو انڌوناڪ ظُلم ڪيو ويو آھي. مون ڪهڙا سنڌ جا ٻيٽ کپائي پيٽ ڀريو ٿي. آئون چار چڪ گاھ جا ڀري ڪهڙو بحريا ٽائون ۾ بنگلا ٺھرايان ها. مُون نه سنڌُو جو پاڻي روڪيو ٿي, نه ڪنهن سنڌيءَ کي ٽوڪيو ٿي. آئون ته ٿرواسين لاءِ سُڪي جو ٻيڙو هڪڙو اَٻوجهه اُٺ آھيان، جنهن جا سُڪل ڪنڊا کائي کائي آنڊا ئي سُڪي ويا آھن. مُون ته بس آنڊا ساوا ڪرڻ خاطر ساوڪ مان چند چڪ هنيا, جن جي بدلي مون کي ڪُهاڙين جا انڌا ڌُنڌ ڌڪ هنيا ويا. آئون ته اُھو بي زبان اُٺ آھيان جنهن وٽ زبان ته آھي پر ڳالهائي نٿو سگهان، جنهن وٽ پير ته چار آھن پر هٿ هڪڙو به ناهي. مون وٽ جي هٿ هجن ها ته آئون اشرف المخلوقات وٽ ايڏو مجبور نه هُجان ها. آئون به انسانن وانگي جاندار آھيان. مون ۾ به ساھ ۽ رت پِت ساڳيو آھي. مون کي به بُک ۽ اُڃ ستائي ٿي. مون کي به ڌڪ لڳڻ تي ساڳيو سُور محسوس ٿئي ٿو. دل منهنجي به ڏُکي ٿي. لُڙڪ مون کي به اچن ٿا. روئان آئون به ٿو پر افسوس جو منهنجا لُڙڪ، منهنجا ڏُک ۽ منهنجي بُک ٻه اکيون هوندي به ٻِن هٿن وارن کي نظر ئي نٿا اچن. مون جيڪڏھن پاپي پيٽ خاطر ساوڪ ڏسي ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ ٻه چَڪ هنيا ته ڪهڙو آسمان ڦاٽي پيو. انسان اهو ڇو وساري ويٺو آھي ته هي ڌرتي فقط انسان جي ناهي. خاوند جي هن خوبصورت ڌرتيءَ تي هر جاندار جو هڪ جھڙو ۽ هڪ جيترو حق آھي. پوءِ مون سان هيڏو ناحق ڇو ڪيو ويو آھي؟ مُنهنجي جيئري ڄنگهه ڪپي مون کي هلڻ کان لاچار ڪري هميشه لاءِ معذور ڪيو ويو آھي. اُھو به سنڌ ۾. اُها سنڌ جيڪا پکين سان پيار ڪندي، تترن خاطر جنگ جوٽيندي هُئي. اُها سنڌ جنهن ۾ مومل پنهنجي ميندري جي چانگي کي چندن چاريندي هُئي. اُھا سنڌ جنهن ۾ اُٺن کي گهوٽن وانگي سينگاريو ويندو هو. اُھا سنڌ جيڪا چاڳ مان مون کي چانگو چوندي هُئي، پيار مان پانگڙ، جيڪا ڪوڏ مان ڪنواٽ، ڪرهليو، توڏو، ميو، ۽ گونئرو سڏيندي وڏو ساھ پساھ ڏيندي هُئي. ڪَٽابن سان ڪوريل جُهلون ۽ گاسيا ڪندي مون تي پاکڙا پلاڻيندڙ سنڌ اڄ مون کي معذور ڪري ڇڏيو.

اي سنڌيو! مون سان انصاف ڪجو. آئون هڪڙو گگدام اُٺ آھيان، جنهن لاءِ سنڌ جُون سموريون سيمون، ٻينون ۽ ٻارا ٻيٽ آھن, جن جون لاڻيون ۽ لاڻا کائي آئون پيٽ ڀرeان ٿو. مون کي ڪهڙي ڪل ته سنڌ ۾ هاڻي سهپ ناهي رهي. سنڌ بدلجي چُڪي آھي. مُون کي ڪهڙي خبر ته ٻنين ۾ چرڻ منع آھي. ڪنهن جي ٻنيءَ ۾ ٻه چڪ هڻڻ جي ايڏي وڏي سزا انساني تاريخ ۾ ڪٿي نه ملندي. اڄ سنڌ جي سانگهڙ ۾ منهنجن اکين مان وهندڙ ڳوڙھا اُگهاڙو احتجاج ڪندي اهو چئي رهيا آھن ته سنڌ پنهنجو شاندار ماضي وساري چُڪي آھي. منهنجي ڄنگهه مان ٺينڍيون ڪري وهندڙ رت رُڳو منهنجو رت ناهي، پر سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي روشن روايتن جي سيني مان وهندڙ رت به آھي. هي بيوسيءَ جا ڳوڙھا فقط مُنهنجن اکين مان ناهن ڳڙيا، پر هي لوهيهاڻا لُڙڪ عالم انسانيت جي اکين مان به لڙيا آھن.

مُون تي ڪُهاڙين جا وار ڪرڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته مُنهنجي اهميت ڇا آھي. منهنجي اهميت ته قديم ٿر کان پُڇجي، جنهن جي هر گهر ۾ هڪڙو اُٺ هوندو هو. جنهن گهر ۾ اُٺ ۽ اوتارو نه هوندو هو اُهو گهر نڀاڳو تصور ڪيو ويندو هو. ٿر ۾ مُون کي اَبا ۽ پُٽ ڪري سڏيو ويندو هو. ٿر ۾ مون کي ريگستان جو جهاز به چوندا آھن. ڇو ته مُنهنجون وکون وڏيون آھن. تڏھن ته ماضيءَ ۾ منهنجي ٿر جُون نياڻيون نماڻيون پنهنجن بابلن کي عرض ڪنديون هيون ته؛

بابليا اڻ گهر ڏيجو ڄڻ گهر سانڍڙيان

اڙگا نان نيڙا ڪرين جڪان رين لانٻين وکڙيان

(اي بابل! مون کي اُن گهر ۾ پرڻائجان جنهن گهر ۾ اُٺ هجن ڇو ته اُنهن جُون وکون وڏيون آھن اُهي پري وارن کي ويجها ڪن ٿا).

اُڃارن جو ديس ٿر، جتي ڪرهليا ڪڻڪاري، پاکڙا پلاڻي، قطاريل قافلن سان ڏور ڏيساورن مان سودا سوديا ويندا هئا. جتي ڪنوار کي ابوڇڻي اوڍائي پلاڻيل پاکڙي تي ڪيل گُداز گاسيي جي اڳئين چونڪ تي چاڙهي پيهريي کان پري سيا جي پلي لڳايو ويندو هو. جتي ڄڃ کان وٺي هر ڪارج ۾ اُٺ جي سواري استعمال ٿيندي هُئي. اُتي هاڻي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڳوٺن ۾ ڪٿي ورلي اُٺ جي سواري آهي. اُٺن جو البيلو ديس ٿر به هاڻي جديديت جي جنون ۾ قديم سنڌ جي شاندار ثقافت ۽ تهذيب وساري رهيو آهي. مڃيون ٿا ته نواڻ به سُٺو سنئوڻ آهي پر پنهنجي شاندار ماضيءَ کان مُنهن موڙي ان کي صفا وسارڻ به چڱو نه آهي.

آئون اُٺ آهيان ۽ مُنهنجي اهميت سان ته ٿر جي تاريخ ڀري پيئي آهي، امرڪوٽ جو سوڍو راڻو مينڌرو، ڪاڪ لُڊاڻي جي راٺوڙ مومل ماڻڻ خاطر چانگي تي چڙهي ويندو هو، اُن چانگي کي مومل چندن چاريندي هُئي. ڀٽائي چوي ٿو؛

اُڀي اُڀاريم، نکٽ سڀ نئي ويا،

هڪ ميو ٻيو مينڌرو، سڄي رات ساريام،

ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون.

راڻي کان سواءِ ڍاٽ جو ڍولو به پنهنجي محبوبا پينگڙ گڍ جي شهزادي مارئل سان ملڻ لاءِ لهري جي ڪُک ۾ ليٽيل ڪَرهليي کي ڪيڻڪاري ويندو هو. پهريون ڀيرو جڏهن سانگي ڊاڍي جي واتان مارئل جو سنديسو مليو، تڏهن پنهنجي ٻي سرتي مارڻيءَ کان موڪلائي ڪرلهيي تي چڙهي پينگڙ گڍ پڌاريو هو. تڏهن مارڻيءَ اُٺ جي پيرن ۾ ڪوڪا هڻي ڇڏيا هئا، ته جيئن مارئل تائين ڍولو پُڄي نه سگهي، پيرن ۾ ڪوڪا لڳل ڪرهيلو جڏهن سج لٿو، تڏهن ڀٽن ۾ بيهي رهيو، جنهن کي ڍولي ڏوراپو ڏيندي چيو ته؛

ڏهيا گيا ڏونگري وهيا گيا وَڙي،

ڪاڙي کائي ڪرهليا تين روليو رڻ ٿڙي.

(سج لهي ويو، پکي پکڻ پنهنجن آکيرن ڏانهن واپس ويا هليا، اي ڪرهليا! تو کي نانگ کائي جو تو مون کي رڻ ۾ رولي ڇڏيو، وک به نٿو کڻين).

ڍولي جي واتان اهو ڏوراپو ٻُڌي اُٺ وراڻيو؛

ڪڍ پگان مان ڪڪرين ڍلي ڇڏ مهار،

وهلا پُڄان ٿانري ساسريي گهر گهر ڏيان جُهار.

(اي ڍولا پيرن مان ڪڪريون ڪڍ ۽ مهار کي ڍري ڇڏ ته، جلدي هلي تنهنجي ساهرين پهچي، گهر گهر سلام ڪريون).

اُٺ جي انهيءَ اصرار تي ڍولي عمل ڪيو ۽ اُٺ کن پل ۾ مارئل جي ملڪ پهچي ويو. روايت آهي ته مارئل/ڏسو صفحو 7 بقايا 02

 پنهنجي ڳوٺ جي اجهور واري کوهه تي سرتين سان گڏ کينچل ڪري رهي هئي. تڏهن ڍولو پنهنجو اُٺ پيارڻ لاءِ ان کوهه جي اَواڙي تي پهتو ۽ اُٺ جيئن ئي پاڻي جي سُرڪ ڀري تيئن ئي پنهنجي ماياوي سونهن ۾ مد مست مارئل اڃايل اُٺ کي ڪام واهي ڪڍي ۽ اُٺ جو مٿيون چپ وچان ٽُٽي ويو، ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين هر اُٺ جو مٿيون چپ ٽُٽل آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته مارئل کي جڏهن خبر پئي ته هي ڍولي جو اُٺ آهي، تڏهن مارئل ڏاڍو پڇتايو ۽ ميڙ منٿ کان پوءِ اُٺ کي راضي ڪيائين.

امرڪوٽ جي حاڪم عمر سومري ملير جي مُورت مارئي جي حسن جي هاڪ ٻڌي ڀالوا جي ڀٽن جا پنڌ به اُٺن تي ڪيا هئا، مارئي کي اُٺ جي اڳئين چونڪ تي چاڙهي اَمرڪوٽ کڻي ويو هو.

اڄ منهنجا هي حال ڏسي منهنجي ٿر ۾ پيل مُنهنجا پاکڙا، پلاڻ، جُهلون، گاسيا، تنگ، مُهارون، توبرا، چَڙا، ڊنبر، ڳانا، جِنهويون، سڀ رُنا آھن، ڇو ته اڄ آئون رُنو آھيان. مُنهنجن لُڙڪن واري تصوير دُنيا اڳيان سنڌ جو “شاندار“ اميج پيش ڪري رهي آھي.

هي ڪهاڻي سنڌ جي اُن اُٺ جي آھي جنهن جي اکين مان وهندڙ لُڙڪن سموري دُنيا جي حساس دل ماڻهن جي اکين جا پاند آلا ڪري ڇڏيا آھن. هي ڪهاڻي سنڌ جي اُن سانگهڙ ضلعي جي آھي جنهن ۾ هڪڙي سفاڪ زميندار هڪڙي گگدام اُٺ جي ڄنگهه ڪُهاڙيءَ سان ڪپي ڇڏي آھي. اُٺ جي هي معذور تصوير ڏسي اهو پتو پوي ٿو ته انسان ڪيڏو نه ذھني معذور ٿي ويو آھي جو هڪڙي بي زبان جانور جي معمولي غلطيءَ تي ايڏو وڏو ظُلم ڪري ٿو. هي اُٺ اپاهج ناهي ٿيو هي اپاهج انسان جي سوچ ٿي آھي. هي اپاهج انساني سهپ ٿي آھي. ڏينهون ڏينهن سنڌ پنهنجي ماضيءَ جي روشن روايتن کان منهن موڙي رهي آھي. ڪيڏي نه ڏُک جھڙي ڳالهه آھي جو ٻنيءَ جي معمولي ڀَيل تان انسان وحشي بنجي وڃي ٿو. ڪُجهه ڏينهن پهرين سوشل ميڊيا تي هڪڙي وڊيو وائرل ٿي هُئي جنهن ۾ هڪڙو ٽرڪ ڊرائيور رستي تي ٽرڪ بيهاري بوتل سان اُٺ کي پاڻي پياري ٿو، جيڪا سنڌ ليڪي جي هُن پار آھي ۽ ڪالهه سوشل ميڊيا تي هڪڙي تصوير وائرل ٿي آھي جنهن ۾ هڪڙي اُٺ جي ڄنگهه ڪپيل آھي ۽ اُن جي اکين مان زارو قطار لُڙڪ وهي رهيا آھن، جيڪا سنڌ ليڪي جي هِن پار يعني اسان واري سنڌ آھي. سنڌ ساڳي آھي بس ماڻهن جي سوچ تبديل آھي. هڪڙي سنڌ احساس سان ڀرپور آھي ۽ هڪڙي سنڌ وحشي بڻجي ويئي آھي..!