ايگزيڪيوٽو جي فيصلن سان نقصان به ٿي سگهي ٿو، پر اُها ڪرپشن ناهي: عدالت

0
179
ايگزيڪيوٽو جي فيصلن سان نقصان
ايگزيڪيوٽو جي فيصلن سان نقصان به ٿي سگهي ٿو، پر اُها ڪرپشن ناهي: عدالت

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله نارووال اسپورٽس سٽي ڪمپليڪس جي تعمير ۾ اختيارن جي غلط استعمال تي نيب ريفرنس ۾ احسن اقبال جي بريت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته ايگزيڪيوٽو تمام گهڻا فيصلا نيڪ نيتي سان ڪندا آهن، جنهن جو نقصان به ٿيندو آهي پر اها ڪرپشن ناهي هوندي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ احسن اقبال جي نيب ريفرنس مان بريت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پٽيشنر طرفان ذوالفقار نقيوي ايڊووڪيٽ پيش ٿيو

ايڊيشنل پراسيڪيوٽر جنرل نيب جهانزيب چيو ته عدالت گذريل ٻڌڻي تي 2 ٽاسڪ ڏنا هئا، عدالت پڇيو ڇا ضمني ريفرنس داخل ٿي سگهي ٿو؟، اهو به پڇيو هو ته ڇا ذاتي مالي فائدو وٺڻ بغير ريفرنس ٺهي سگهي ٿو؟

چيف جسٽس اطهر من الله نيب پراسيڪيوٽر سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اِن حد تائين مطمئن آهيو ته ڪرپشن ناهي، رڳو اختيارين جي غلط استعمال جو ڪيس آهي، تسليم ٿيل ڳالهه آهي ته اِها ڪرپشن جو ڪيس ناهي ۽ اوهان هڪ شخص جي وقار کي نقصان پهچايو