ايڪهتر سالن جو ‘مظلوم‘ پوڙهو ۽ ڪورين فلم!

0
183
ايڪهتر سالن جو ‘مظلوم‘ پوڙهو ۽ ڪورين فلم!

  ‘آئين بچايو’ تحريڪ، ملڪـ بچايو تحريڪ جي اندر اصل ۾ ‘عمران خان بچايو’ تحريڪ آهي، جيڪا ساھ کڻي رھي آھي. ھن ھميشه قانون ٽوڙيو آھي. ھن ھميشه قلم 144 لڳل ھجڻ جي باوجود  قانون ۽ حڪومت جي حد کي لتاڙي پرتشدد جلسا ڪري پنھنجي ڪمزور ٿيندڙ سگھ وڌائي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن ملڪ جي سگھاري شخصيت چيف آف آرمي اسٽاف کي سياسيت ۾ ملوث ڏيکاريو، ھن خاتون جج کي ڌمڪيون ڏنيون، ھن پوليس تي حملا ڪرايا. ڪنھن سگھاري ڌر جي اشاري تي پارليامينٽ کي ٿڏي غير قانوني طور تي اسيمبليون ڊاھي ھاڻ وري ٻئي اشاري تي ڪنھن ٻئي جي خفيه ايجنڊا تي عمل ڪرڻ لاءِ واپس ملڪـ جي   پارليامينٽ جو حصو ٿيڻ پيو چاھي. ان پارليامينٽ ۾ اچڻ لاءِ آتو ويٺو آھي، جنھن ۾ سندس بقول، سڀ چور ويٺا آھن. 2 مئي 2023ع تي عمران خان جو وڪيل ڪورٽ کي دليل ڏئي رھيو ھو تـ 71 سالن جي پاڪستاني شھري عمران خان کي تنگ ڪرڻ لاءِ ڪيس ٺاهيا ويا آھن، انھن کي ختم ڪيو وڃي. وڪيل اھو صفا واضح نه ڪري سگھيو تـ ڇا پاڪستان جي قانون ۾ ڪيس ڪرڻ لاءِ ڪا عمر جي حد مقرر ٿيل آھي؟ 71 سالن جي شھريءَ کي قانوني بچاءُ کپي ته اڳيان ھلي شايد ھو ووٽ لاءِ به پنھنجي بزرگيءَ جو نعرو ھڻندو !!

عمران خان ۽ ان جا سياسي ساٿي حڪومتي ڌر سان ڳالھين تي متفق نه ٿي سگھيا. تحريڪ انصاف ۽ پي ڊي ايم جون ڳالھيون جاري آھن، جيڪي شرطن تي مشتمل آھن ۽ شايد انھن جي خيال ۾ ته انھن  ڳالھين سان ملڪي سالميت ۽ ملڪي مفاد جو لاڳاپيل ھجڻ صفا ضروري نه آھي. تحريڪ انصاف جو ھڪ ئي مطالبو آھي ته ملڪ ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي. عمران خان ھن وقت اھڙي سگھاري “ربڙ”(Eraser)  جي تلاش ۾ آھي، جيڪو سندس ماضيءَ ۾ ڪيل غلطين کي ميساري سگھي يا وري سندس غلطين کي ڪا سگھاري ڌر “وائٽو” ھڻي دنيا جي نظرن کان لڪائي ڇڏي.

ان سياسي صورتحال ۾ مونکي ڪورين  فلم “دي ڪال” ياد آئي، جنھن ۾ ٻن ڇوڪرين جو فون تي رابطو ٿئي ٿو. حيرت جوڳي ڳالھ اھا ته ساڳئي گھر ۾ ھڪ ڇوڪري ماضي ۾ ٿي رھي ۽ ھڪ مستقبل ۾ موجود ھوندي آھي. ماضيءَ ۾ رھندڙ ڇوڪري سندس ويڳي ماءَ جي ظلم جو شڪار آھي ۽ مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪري پنھنجي ماءَ جي بيمار رھڻ تي پريشان رھي ٿي. سندس پيءُ گھر ۾ گئس کليل رھجي وڃڻ جي ڪري سڙي مري چڪو آھي. ٻنھي ڇوڪرين کي ھڪٻئي سان ھمدردي ٿئي ٿي. ماضيءَ ۾ رھندڙ ڇوڪري مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪريءَ کان سندس بابت ڪافي شيون پڇي ٿي ۽ ساڻس پيش ايندڙ حادثن کي روڪڻ لاءِ چئي ٿي. ھوءَ ڇوڪري ھن کي ويڳي ماءَ جي ظلم کان بچائي ٿي ۽ ويڳي ماءَ جي پاران  قتل  جي ارادي کان آگاھ ڪري قتل ٿيڻ کان پڻ بچائي ٿي. ڇوڪريءَ جي ويڳي ماءَ کي ڪنھن پراسرار جادوئي شڪتيءَ ان ڇوڪريءَ جي مستقبل بابت آگاھ ڪيو ھو ته ھيءَ ڇوڪري اڳيان ھلي گھڻن ماڻھن کي قتل ڪندي، ان ڪري ويڳي ماءَ ھن کي مارڻ جو منصوبو ٺاھيو پر ھوءَ ماضيءَ ۾ رھندڙ ڇوڪري مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪريءَ کي ايلاز ڪري چوي ٿي ته ان جي زندگي کي بچائي ۽ آخر مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪريءَ جي ڏاھپ جي ڪري قتل جو منصوبو ناڪام ٿي ٿو وڃي. ان جي بدلي ۾ ماضيءَ ۾ رھندڙ ڇوڪري ماضي ۾ ان وقت گھر ۾ کليل گئس کي بند ڪري ٿي ڇڏي، جنھن جي ڪري حادثي جو شڪار ٿي مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪري جو پيءُ سڙي مري ويو ھو. ٻنھي ڇوڪرين ھڪٻئي جي مدد ڪئي. مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪري پنھنجي پيءَ کي جيئرو ڏسي خوش ٿي ٿئي. سندس ماءَ پڻ ٺيڪ ٿي وڃي ٿي.

ھن پرسرار فلم جو انجام به ڇرڪائيندڙ آھي. مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪري اڻڄاڻ آھي ته ھن ھڪ مجرماڻي ذھن رکندڙ ڇوڪريءَ جي مدد ڪري غلطي ڪئي آھي. ماضي ۾ رھندڙ ڇوڪري چڙ ۾ پنھنجي ماءَ جو قتل ڪري ڇڏيو ۽ پوليس جي جاچ کان بچڻ لاءِ مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪريءَ کي ھر اھا ڳالھ ٻڌائڻ لاءِ تنگ ٿي ڪري، جنھن جي ڪري ھوءَ پوليس کان بچي وڃي. قتل جا جيڪي ثبوت پوليس کي ھٿ اچڻا ھئا. اھي ختم ڪرڻ لاءِ تنگ ٿي ڪري، دٻاءُ ٿي وجهي. انڪار ڪرڻ تي ماضيءَ ۾ رھندڙ ڇوڪري چڙ ۾ واپس مستقبل ۾ رھندڙ ڇوڪريءَ جي گھر ان وقت ۾ واپس ٿي وڃي ۽ گئس کولي ٿي ۽ ھن ڇوڪريءَ جو پيءُ سڙي مري ٿو وڃي. ماضي ۽ مستقبل جي ان جنگ ۾ ماضيءَ ۾ رھندڙ ڇوڪري ٻين ماڻھن جا قتل به ڪري ٿي. ھوءَ قتل ڪري لاش ڪٽي ريفريجريٽر ۾ رکندي آھي ۽ فلم جي آخر ۾ ھن جي گھر ۾ بيشمار ريفريجريٽر رکيل ڏيکاريا ٿا وڃن.

ٺيڪ ان فلم جيان عمران خان جي مرضي به اھا آھي ته ھن جي ان حالت ۾ مدد ڪئي وڃي. صرف  سندس شرط مڃيا وڃن. عمران خان جو ڪو به سياسي نظريو اڄ ڏينھن تائين واضح نه ٿي سگھيو آھي، سواءِ ان جي ته پاڪستان ۾ ھو اھڙو بيانيو  پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو آھي، جنھن جي مطابق جمھوريت مان عوام جو ويساھ ختم ٿي وڃي. سڀ سياستدان چور آھن. سڀ ڪرپٽ آھن. سڀ عوام جو استحصال ڪري رھيا آھن ۽ ڪرپٽ نظام کي تبديل ڪرڻ جو اختيار ۽ صلاحيت  صرف ۽ صرف عمران خان وٽ آھي.

ھو آمر ضياءَ جو تسلسل آھي، جنھن پنھنجي اقتدار کي بچاڻ لاءِ مذھب ۽ شدت پسندي جو سھارو ورتو. عمران خان جو لاڙو افغانستان ڏانھن ۽ شدت پسند طالبان ڏانھن گھڻو آھي.

اسان سڀني ڏٺو تـ ڪورونا جي وقت ۾ سڄي دنيا جون سرحدون غير ملڪين لاءِ بند ھيون ۽ صرف ھڪ نڌڻڪو ملڪ پاڪستان ھو، جنھن جون سرحدون افغانين لاءِ کليل ھيون. لکين افغاني ڏينھن رات بنا ويزا، بنا پاسپورٽ جي ملڪ ۾ داخل ڪيا ويا. ھن جا رابطا شدت پسند تنظيمن سان لڪل نه رھيا آھن. ھن اقتدار ۾ اچي ساڳين آمر جنرل ضياءَ وارين پاليسين جو اظھار ڪجھ مختلف لفظن ۾ ڪيو. ھن رياست مدينه جو تصور ڏنو، جيڪو جٽادار ثابت نه ٿيو.

عوامي جلسن ۾ ھن وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجھ به نه ھوندو آھي، سواءِ ٻين تي الزام لڳائڻ جي. هن جو مقصد صرف انتشار ۽ انارڪي پکيڙڻ ۽ عوام کي روڊن تي وٺي اچڻ ھوندو آھي. ھي اھو 71 سالن جو ‘مظلوم’ اڳواڻ آھي، جنھن جي  خلاف بين الاقوامي ‘سازشون’ به ٿيون،  ملڪي سازشون به ٿيون، وري ھن جي قتل جا منصوبا به ٺھيا، جن مان ڪابه ڳالھ ھي ثابت نه ڪري سگھيو آهي. ھاڻ جنرل اليڪشن لاءِ سياسي جماعتن جون ڳالھيون ھلي رھيون آھن. پنجاب ۾ شروع ٿيل  اقتدار جي جنگ ۾ ھاڻ عدليا ۽ پارليامينٽ پڻ انتشار جو شڪار بڻجي ھڪٻئي جي سامھون اچي ويا آھن. هڪ طرف ڳالهيون هلي رھيون آهن ته ٻئي طرف ٻنهي ڌرين (حڪومت ۽ پي ٽي آءِ) طرفان جيڪي بيان اچن پيا، انهن مان ته ظاهر آهي ته ٻئي ڌريون ڳالهين ۾ سنجيده نه آهن. ڪالهه رات دير تائين به سياسي جماعتن جون ڳالھيون ڪنھن حتمي نتيجي تي نه پھچي سگھيون. اهي صرف ان ڳالھ تي متفق ٿيا ته سڄي ملڪ ۾ اليڪشن ھڪ ڏينھن تي  ٿيڻ گھرجي. تحريڪ انصاف جي ٽيم پنھنجا 8  مطالبا لکت ۾ ڏنا آھن.

تحريڪ انصاف جي ڪوشش آھي تـ سندن حامي ججز جي موجودگي ۾ اليڪشن ٿئي. پنجاب ۾ اليڪشن لاءِ سپريم ڪورٽ جي ڏنل ڊيڊ لائين ۾ باقي ڏيڍ  هفتو مس وڃي بچيو آهي. ماڻهن ۾ اهي خدشا آهن ته ڇا سسٽم جي تڏا ويڙهه ٿيندي يا ڪو ايگزيڪيوٽو آرڊر نڪرندو؟ پر اهو امڪان گهٽ ان ڪري به آهي، جو جون ۾ بجيٽ پاس ڪرائڻي آهي، جنهن جي مٿان پڻ آءِ ايم ايف سان معاملا طئه نه ٿيڻ ڪري غير يقينيءَ جي تلوار لٽڪي رهي آهي.

[email protected]