ڪراچي: ڪراچي ۾ منشيات جي 363 اڏن جي نشاندهي پوليس سان گڏ ايڪسائيز، اينٽي نارڪوٽڪس، ڪسٽمز، ڪوسٽ گارڊ ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ڪارڪردگي تي به ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا، شهر ۾ پوليس وانگر ايڪسائيز کاتي سنڌ جي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ۽ وفاقي اينٽي نارڪوٽڪس جا ٿاڻا موجود آهن، انهن ادارن وٽ افرادي قوت سان گڏ ٻيون سهولتون ۽ ڇاپا مار ٽيمون به آهن پر اهي ادارا به منشيات جي 363 اڏن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن کان بيخبر بڻيل آهن،  ڪسٽمز، ڪوسٽ گارڊ ۽ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي کي منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ جي ذميواري مليل آهي پر اسپيشل برانچ جي رپورٽ انهن جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاري ڇڏيا آهن.