اين اي249ننڍي چونڊ: پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل ڪامياب

0
422

ڪراچي (رپورٽر) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ ئي شڪست ڏئي ڏئي، جڏهن ته ن ليگ اميدوار مفتاح اسماعيل ٻئي نمبر تي آيو، تڪ جي سمورين 276پولنگ اسٽيشنز جي غيرسرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب، پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل 16هزار156 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، ن ليگ ليگ اميدوار مفتاح اسماٿيل 15هزار473 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار امجد اقبال آفريدي 8922 ووٽ کڻي پنجين نمبر تي رهيو، پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار نذير احمد 11هزار 125 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي رهيو، پي ايس پي اميدوار مصطفيٰ ڪمال 9227 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي رهيو، ايم ڪيو ايم اميدوار محمد مرسلين 7511ووٽ کڻي ڇهين نمبر تي رهيو، واضح رهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي249 ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي استعيفيٰ سبب خالي ٿيل سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ ٿي هئي.