اين اي 249ننڍي چونڊ: ن ليگ، پي ٽي آءِ، متحده ۽ پي ايس پي نتيجا رد ڪري ڇڏيا

0
241

ڪراچي (رپورٽر) اين اي 249ننڍي چونڊ جي نتيجن کي ن ليگ، پي ٽي آءِ، متحده ۽ پي ايس پي رد ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي چيو آهي ته ڪرپٽ پيپلزپارٽي ۽ صوبائي اليڪشن ڪميشن جو ڪرپشن ۾ چولي دامن گڏ آهي، اين اي 249 تي پ پ مقابلي ۾ ئي نه هئي، پي ٽي آءِ 17هزار پرچيون ڪٽيون، ووٽ سامهون ڇو نه آيا، ڪو به اميدوار مطمعن ناهي، وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو ته اليڪشن ڪميشن ڪمال ڪري ڇڏيو، هر پارٽي ڌانڌلي جو شور مچائي رهي آهي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر به چيو ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته 2018 جي اليڪشن جو تسلسل آهي، فيصل سبزواري چيو ته اليڪشن ڪميشن کي گهرجي ته هو پنهنجي عملي جي شفافيت کي چيڪ ڪري، ننڍي چونڊ جي حوالي سان گهڻا سوال پيدا ٿيا آهن، پي ايس پي جي سربراهه ۽ اين اي 249 جي اميدوار مصطفيٰ ڪمال چيو ته ڊي آر او آفيس ۾ ڊرامو هلايو ويو، پي ايس پي نتيجن کي قبول نه ڪندي.