لاهور(م ڊ) منصوبا بندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته خبر ناهي اينگري مين جو جهيڙو ڪنهن سان آهي؟ باني پي ٽي آءِ ڳالهيون چاهي ٿو ته ادارن تي حملا بند ڪري، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران جڏهن شڪست کائيندو آهي ته پوءِ عدالت جو ڪلهو استعمال ڪري ٿو، وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سان اسان جي ڪا به جنگ ناهي، پيپلز پارٽي اسان جي اتحادي آهي ننڍا وڏا مسئلا ٿيندا رهندا آهن.