اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪابينا ڊويزن ايندڙ سال عام موڪلن ۽ اختياري موڪلن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. ڪابينا ڊويزن پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته سال 2023 ۾ 38 موڪلون هونديون، جنهن ۾ 16 عام ۽ 22 اختياريون موڪلون هونديون. تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 5 فيبروري تي ڪشمير ڏهاڙي، 23 مارچ تي يوم پاڪستان، پهرين مئي تي مزدور ڏهاڙي، 22 کان 24 اپريل عيدالفطر، 29، 30 جون ۽ پهرين جولاءِ عيدالاضحيٰ، 27 ۽ 28 جولاءِ عاشوري جون، 14 آگسٽ تي آزادي ڏهاڙي، 28 آگسٽ تي عيد ميلاالبني صه، 9 نومبر تي اقبال ڏهاڙي، 25 ڊسمبر تي قائداعظم ڏهاڙي ۽ ڪرسمس، 26 ڊسمبر تي عيسائي ملازمن لاءِ ڪرسمس کانپوءِ عام موڪل هوندي. ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2023 لاءِ اسلامي موڪلون امڪاني تاريخ جي حساب سا طئي ڪيون ويون آهن، چنڊ نظر اچڻ جي حساب سان موڪلن جو الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. پڌرائيءَ موجب سال 2023 ۾ 16 عام موڪلن مان ٻه آچر ڏينهن هونديون، 2 جنوري، 22 مارچ ۽ 3 جولاءِ تي بئنڪن تي موڪل هوندي، مسلم حڪومتي ملازمن کي سال ۾ هڪ کان وڌيڪ آپشنل موڪل نه ملندي، جڏهن ته غير مسلمن کي سال ۾ 3 کان وڌيڪ آپشنل موڪلون نه ملنديون.