ايمبولينس مان ڦُر تائين پهتل اخلاقي غربت

0
147
حڪمرانن جو راوي “سڀ سک چين” لکي ٿو!
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

هونئن ته غربت جا گهڻائي قسم آهن پر اخلاقي غربت، غربت جو سڀ کان وڌيڪ خراب، بدترين ۽ هاڃيڪار قسم آهي. جيڪا اخلاقي غربت هن وقت سنڌ ۾ نظر اچي ٿي، سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن اهڙي غربت مان گذري هجي! هن وقت حالت اها آهي ته جيئرا ته پنهنجي ماڳ، قبرن ۾ لاش به محفوظ نه آهن. ڏوهاري لاش کڻي ويندڙ ايمبولينس تان به نٿا ٽرن. ان حوالي سان خبر آهي ته، نوان جتوئي ويجھو ڳوٺ ڇٽو خان شينو جو رهواسي حيدرآباد اسپتال کان پنهنجي امڙ جو لاش ايمبولينس ذريعي پنهنجي اباڻي ڳوٺ کڻي وڃي رهيو هو ته مورو روڊ مناھي ڀرسان نامعلوم ڦورن ايمبولينس کي روڪي کانئن موبائل فون، 50 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

ڪو زمانو هو، جو جڏهن سنڌ جي ڌاڙيلن جي به اخلاقيات هوندي هئي. هو اغوا ته پري جي ڳالهه، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جي تذليل به ڪونه ڪندا هئا پر هن وقت اهو اخلاقي محور وڃائجي چڪو آهي ۽ ڌاڙيل پنهنجي بدترين رهزنيءَ واري روپ ۾ سنڌ ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن. اهي ڏوهن جا راڪاس، ڪچي جا ڌاڙيل سنڌ ۾ ڪاهي پيا آهن، جيڪي “پڪي جي ڌاڙيلن” جي ساٿ ۽ سهڪار سان هڪ انتهائي وحشتناڪ صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن. حد ته اها آهي جو معصوم نياڻيون ۽ ٻارڙا به اغوا ڪيا پيا وڃن، انهن تي تشدد جون وڊيوز وائرل ڪري ڏهڪاءُ پکيڙي رهيا آهن، پر حيرت اها آهي ته رياست انهن کي چئلينج نٿي سمجهي. رياست نه صرف اکيون بند ڪري ڇڏيون آهن پر ڪن به بند ڪري ڇڏيا آهن. قانون به سماعت ۽ بصارت وڃائي چڪو آهي، ان کي امن امان کي يرغمال بڻائيندڙ نظر نٿا اچن! ماڻهن کي قانون جو ڏڍ، اوٽ ۽ اجهو حاصل ناهي. سنڌ ۾ امن کي امان ڪونهي. منتظمين اهڙي ڳنڀير حالت کي سڌارڻ ته پري جي ڳالهه، ان جي ابتريءَ جو اقرار ڪرڻ لاءِ به تيار نه آهن. سندن چوڻ آهي ته انهن ٽن صوبن کان به وڌيڪ ڪم ڪيو آهي پر سمجهڻ جي اها ڳالهه آهي ته اهڙي ڌاڙيوالي ڀلا ملڪ جي ڪهڙي صوبي ۾ آهي، جنهن جي اڳيان قانون ان حد تائين بيوس رهيو هجي؟ خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ته دهشتگرديءَ جي ور چڙهيل آهن ۽ پنجاب ۾ جيڪڏهن اغوا انڊسٽري سرگرم آهي به ته ڌاڙيلن جي خلاف وقت بوقت آپريشن به ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن کي ناس ڪرڻ جي لاءِ فوج کان پڻ مدد ورتي وڃي ٿي پر هتي جڏهن به فوج جي مدد سان آپريشن جي ڳالهه ٿئي ٿي ته پوليس انتظاميا ان جي اڳيان رنڊڪ بڻجي وڃي ٿي. اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به رياست ۾ امن امان انتظاميا جي بنيادي ذميواري هوندي آهي. جڏهن امن امان ئي نه هجي ته اتي جمهوريت جو ڦل عوام تائين نٿو پهچي سگهي ۽ اها ئي ڪسوٽي آهي، جنهن جي بنياد تي گورننس جي معيار جي پرک ٿيندي آهي. منتظمين ڀلي ڪيڏا به ڪارناما ڪيا هجن پر اصل ڳالهه اها آهي ته انهن ڪارنامن جو لاڀ امن امان جي صورتحال سان ئي مشروط آهي. امن امان نه آهي ته اهو لاڀ عوام تائين نه پهچندو.

تاريخ ۾ اعليٰ قدرن ۽ روشن روايتن واري ساڻيهه جي سڃاڻپ رکندڙ سنڌ هن وقت اخلاقي غربت جي تحت الثريٰ ۾ ڌڪي وئي آهي. “ڀلي بک ڀرم جي، شال مَ وڃي شان” واري چوڻي جنهن سنڌ جي سڃاڻپ هئي، اها سنڌ ڪيڏانهن وئي؟ اهڙي اخلاقي ڏيوالپڻي جي حد تائين سنڌ ڪڏهن به نه پهتي هئي. سنڌ سان هن وقت جيڪا حالت ڌاڙيلن ڪئي آهي، ڪڏهن نيپيئر جي نسل به ائين نه ڪيو. موجوده تخت ڌڻي ڏينهن ٻن جا مهمان آهن، جن رڳو اعلانن جي ميدانن ۾ ڪُميتون ڪُڏايون پر اختيار ۽ اقتدار هوندي به ڏوهارين کي ناڪيليون وجهي نه سگهيا. هاڻي سنڌ جو امن امان نگرانن لاءِ ٽيسٽ ڪيس آهي. توڙي جو نگرانن جو مکيه ڪم اليڪشن ڪرائڻ آهي پر پُرامن ۽ شفاف اليڪشن به تڏهن ئي ممڪن هوندي، جڏهن امن امان جون حالتون بهتر هونديون.