ايمان مزاري کي اسلام آباد کان ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ گرفتار نه ڪرڻ واري حڪم ۾ واڌ

0
381

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بغاوت ڪيس ۾ گرفتار ايمان مزاري کي اسلام آباد کان ٻاهر منتقل ڪرڻ ۽ گرفتار نه ڪرڻ واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي

 جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ايمان مزاري جي حفاظتي ضمانت ۽ ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ واري درخواست تي ٻڌڻي هلائي

 عدالت ايمان مزاري خلاف  ٻين صوبن ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا، ايمان مزاري جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان کي خدشو آهي ته ايمان مزاري کي اڊيالا جيل ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪيو ويندو

عدالت ايمان مزاري کي 20 آگسٽ کانپوءِ واري ڪنهن  به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ايمان مزاري کي اسلام آباد کان ٻاهر منتقل نه ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو

هي به پڙهندا

ايمان مزاري ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي