نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) ٽيسلا ۽ ايڪس جي سربرهه ايلون مسڪ آمريڪا ۾ چونڊن دوران ڪرپشن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي ڪيل هڪ پوسٽ تي جواب ڏيندي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) جي استعمال جي مخالفت ڪري ڇڏي.ايلون مسڪ اهڙي تبصرو آمريڪي صدر جي اميدوار کان هٽائي ويندڙ آزاد اميدوار رابرٽ ايف ڪينيڊي جونيئر جي هڪ پوسٽ تي ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. رابرٽ ايف ڪينيڊي جونيئر پنهنجي پوسٽ ۾ اي وي ايم جي استعمال تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته هيڪنگ کان بچڻ لاءِ اسان کي بيلٽ پيپر طرف واپس وڃڻ گهرجي. هن جو چوڻ هو ته پيپر ٽريل موجود هو، ان لاءِ نشاندهي ٿي وئي ۽ ووٽن جي ڳڻپ صحيح ڪئي وئي، سوچو اتي ڇا ٿيندو هوندو جتي پيپر ٽريل ناهي هوندو؟ ان پوسٽ کي شيئر ڪندي ايلون مسڪ به اي وي ايم جي هيڪ ٿيڻ جي امڪان تي ڳڻتي ظاهر ڪندي لکيو ته ان جو خطرو هاڻي گهڻو ٿي ويو آهي. ايلون مسڪ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ختم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته انسان يا آرٽيفيشل انٽليجنس ذريعي هيڪ ڪرڻ جو خطرو موجود آهي.