سکر(بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم سکر جي ڪاروائي، خيرپور واسي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جي ملازم حاڪم ڦلپوٽو سکر مان گرفتار. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب خيرپور  واسي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ملازم حاڪم ڦلپوٽي  کي سکر بس ٽرمينل ويجهو شادي هال وٽان ايف آء اي سائيبر ڪرائيم ونگ خيرپور پوليس جي مدد سان گرفتار ڪيو. ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم ونگ جي ايس ايچ او محمد زمان سومرو موجب خيرپور واسي قلندر بخش بوزدار درخواست ڏني هئي ته سندس نازيبا تصويرون سوشل ميڊيا تي تي رکيون ويون آهن، جنهن تي ايف آءِ اي سکر ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪري سندس موبائيل فون پنهنجي تحويل ۾ ورتو. ان کان اڳ  حاڪم ڦلپوٽو جي ڀاء حبدار  ڦلپوٽو ۽ سوٽ عارب ڦلپوٽو موجب سکر بس ٽرمينل ويجهو نجي شادي هال ٻاهران سندس ڀاءُ کي سادا ڪپڙا پهريل هٿياربند گاڏي ۾ کنڀي اغوا ڪري ويا آهن. هنن ٻڌايو ته دير سان اسان کي خبر پئي ته ايف آءِ اي ٽيم کيس کنيو آهي، جنهن متعلق کنڀڻ دوران آگاهه نه ڪيو ويو هو ته ڪهڙي ڏوهه ۾ حاڪم کي گرفتار ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي قلندر بخش بوزدار جون هڪ ڇوڪري سان نازيبا حالت ۾ تصويرون وائرل ٿيون هيون. ذريعن موجب گرفتار ڪيل حاڪم ۽ درخواستگذار قلندر بخش يونيورسٽي ملازم ۽ پاڻ ۾ دوست آهن.