ايس ايس پي مٽياري درگاهه ڀٽائي تان وڌيڪ 13 اهلڪارن کي هٽائي ڇڏيو

0
367
شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ايس ايس پي مٽياري درگاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي تان وڌيڪ 13 اهلڪارن کي هٽائي ڇڏيو، هٽايل اهلڪارن جو تعداد 42 ٿي ويو ، ڪافي عرصي کان درگاهه تي ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪارن کي هٽائي مختلف ٿاڻن تي مقرر ڪيو ويو، هٽايل اهلڪارن جي جاءِ تي مختلف ٿاڻن تان نوان اهلڪار گهرائي داخلي گيٽن تي مقرر ڪيا ويا آهن، شڪايتن تي هفتو اڳ 29 اهلڪارن کي درگاه تان هٽايو ويو هو ، ڪافي عرصي کان مقرر اهلڪارن خلاف درگاهه ۾ من پسند ۽ بااثر ماڻهو ڇڏڻ جون شڪايتون هيون، هٽايل اهلڪارن جي جاءِ تي مٽياري، سعيدآباد ، سيکاٽ ، اڏيرولعل ۽ هالا ٿاڻن جا پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي تي ڪافي سالن کان مقرر اهلڪارن کي تبديل ڪيوويو آهي، درگاه جي سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي اهلڪارن کي تبديل ڪيو ويو.