ايران ۾ ڪمانڊر قاسم سليماني جي ورسي تقريب دوران ڌماڪا، 103 ماڻهو مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ زخمي

0
87
ايران ۾ ڪمانڊر قاسم سليماني جي ورسي تقريب دوران ڌماڪا، 103 ماڻهو مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ زخمي
ايران ۾ ڪمانڊر قاسم سليماني جي ورسي تقريب دوران ڌماڪا، 103 ماڻهو مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ زخمي

تهران(م ڊ) آمريڪي ڊرون حملي ۾ 4 سال اڳ مارجي ويل ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني جي چوٿين ورسي جي تقريب دوران سندس مقبري وٽ ٻن زوردار بم ڌماڪن ۾ 103 ماڻهو مارجي ويا، 200 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

اڪثر جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي،  ايران جو شهر ڪرمان 2 زوردار بم ڌماڪن سان ڌُڏي ويو،  ڌماڪا اتي ٿيا جتي ايراني ڪمانڊر قبرستان ۾ دفن ٿيل هو. هزارين ماڻهو موجود هئا، ايراني ميڊيا موجب باروڊ سان ڀريل 2 ٿيلها مقبري ڀرسان رکيا ويا هئا

UK envoy under fire for calling Shiraz terrorist attack 'incident'

ايراني ميڊيا موجب ڌماڪن کانپوءِ سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي، ڪرمان جي گورنر موجب ڌماڪا دهشتگردي جا واقعا آهن، سيڪيورٽي عملدار صورتحال جو جائزو وٺي جاچ ڪري رهيا آهن، ايران ۾ سڀاڻي جمعي ڏهاڙي تي سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڌماڪن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، هر طرف لاش ڦهليل هئا

ڌماڪن جي اڃا تائين ڪنهن به گروپ ذميواري قبول ناهي ڪئي، جنرل سليماني کي آيٽ الله علي خامنه اي کانپوءِ طاقتور شخصيت سمجهيو ويندو هو

واضح رهي ته ايران ۾ ڪالهه قاسم سليماني جي چوٿين ورسي ملهائي پئي وڃي، جنهن کي 3 جنوري تي عراق ۾ آمريڪي ڊورون حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو