ايران ۾ دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر

0
83
ايران ۾ دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر
ايران ۾ دهشتگرد تنظيمن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو: آءِ ايس پي آر

ايران ۾ دهشتگردن خلاف ڪارروائي بابت آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ايران ۾ دهشتگرد تنظيمن بي ايل اي ۽ بي ايل ايف جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائي تباهه ڪيو ويو

پاڪ فوج جي ترجمان جو موقف سامهون اچي ويو آهي، موقف ۾ چيو ويو آهي ته انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائيون ڪيون ويون جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ ملوث هئا

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي حملن لاءِ ڊرونز، ميزائيل ۽ ٻيا هٿيار استعمال ڪيا ويا، مرگ بر سرمچار جي نالي سان ڪيل آپريشن دوران شهرين کي جاني نقصان کان بچائڻ جو خاص خيال رکيو ويو

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته تباهه ڪيل ٺڪاڻن کي بدنام دهشتگرد دوستا عرف چيئرمين، بجر عرف سوغات، ساحل عرف شفق، اصغر عرف بشام ۽ وزير عرف وضي استعمال ڪري رهيا هئا

آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان جون هٿياربند فوجون دهشتگردي خلاف پاڪستان جي شهرين جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهن، پاڪ فوج پاران عوام جي حمايت سان پاڪستان جي سمورن دشمنن کي شڪست ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو

هي به پڙهندا

ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا طرفان پاڪستان جي حملن ۾ 7 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق