اوٻاوڙي ڀرسان زال مڙس ڪهي قتل

0
156
جهڏو ۾ هٿياربندن

اوٻاوڙو (رپورٽر) اوٻاوڙي ڀرسان اڻڄاتل جوابدارن گهر اندر گهڙي ننڊ ستل زال مڙس کي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ ٻوڙي ۾ اڻڄاتل جوابدارن گهر گهڙي ننڊ ستل ياسمين سولنگي ۽ سندس مڙس ظفر سولنگي کي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحوالي ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جلد حقيقت سامهون ايندي، ٻئي پاسي قتل ڪيل جوڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪنهن سان به دشمني نه آهي، جوڙي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي