اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿھيم) اوٻاوڙو ۾ نامعلوم هٿياربندن گھوٽڪي پوليس اسپيشل برانچ جي اھلڪار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ شهيد اهلڪار جو دوست سخت زخمي، وارثن پاران لاش قومي شاھراھ تي رکي ڌرڻو، سنڌ- پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل، ھڪ ڪلاڪ ڌرڻي کان پوءِ ايس پي گهوٽڪي نه پھتو. تفصيل موجب گھوٽڪي پوليس جي اسپيشل برانچ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ اوٻاوڙي واسي اهلڪار سلطان احمد رند اوٻاوڙو- ريتي لنڪ روڊ سونڻ شاخ وٽ صبح سوير واڪ ڪري رھيو ھو ته نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن گوليون هڻي کيس موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اهلڪار سان گڏ موجود سندس دوست پپو شيخ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو. حملي آور ھٿياربند فائرنگ ڪندا باآساني سان فرار ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھتي. علائقي واسين ۽ رند برادري جا سوين ماڻھو پڻ واقعي واري ھنڌ پهچي ويا. مقتول اهلڪار جي لاش ۽ زخمي نوجوان کي تعلقي اسپتال نيو ويو، جتان زخمي پپو شيخ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي رند برادري جي ماڻھن ۽ وارثن اسپتال مان مقتول جو لاش کڻائي قومي شاھرا تي رکي ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ بند ڪري ڇڏيو. ان دوران گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مقتول جي وارثن مھدي رند، مجاهد حسين رند ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جي ڪنھن سان به دشمني نه آھي، ظالمن ظلم ڪري اسان جي ڳڀرو کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو آھي. ھوڏانھن موٽروي ڊي ايس پي ۽ ايس ايچ او اوٻاوڙو جي خاطري تي قومي شاھراھ کي کوليو ويو. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام برپا ٿي ويو ۽ سوڳ ۾ چوڪ ماڙي شھر بند رهيو. شھيد اھلڪار سلطان احمد رند جي جنازي نماز مرڪزي حسيني امام بارگاهه ريتي روڊ اوٻاوڙو تي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايم پي اي شهريار شر سميت شھرين، سياسي سماجي شخصيتن، پوليس اهلڪارن، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ھڪ ڪلاڪ ڌرڻي کان پوءِ ايس پي گهوٽڪي نه پھتو. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو. شھيد اھلڪار سلطان احمد رند اوٻاوڙي جو بھترين نوحه خوان پڻ ھو.