اويس قادر شاهه کان وزارت واپس، شرجيل ميمڻ وزير، رياض شيرازي ۽ احمد شاهه ڪابينا ۾ شامل

0
250
اويس قادر شاهه کان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه جي ڪابينا ۾ ڦير ڦار سان گڏ ٻن خصوصي معاونن جو اضافو ڪيو ويو آهي

ٽرانسپورٽ کاتي جي وزير اويس قادر شاهه کي سنڌ ڪابينا مان ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي

نيب ڪيسز کي منهن ڏيندڙ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ کي هڪ ڀيرو وري ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، هو سڀاڻي صوبائي وزير طور حلف کڻندو

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته شرجيل ميمڻ کي اطلاعات کاتي جو وزير بڻايو ويندو، مٿس اڳ ئي ساڳي وزارت دوران 6 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي

ٺٽي سان واسطو رکندڙ رياض حسين شاهه شيرازي کي وڏي وزير جو خاص مددگار مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

خيرپور سان واسطو رکندڙ ايم پي اي احمد رضا شاهه جيلاني کي به وڏي وزير مراد علي شاهه جو خصوصي معاون طور مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي