اوهان جو ٻار مٽي کائيندو آهي؟ پريشان نه ٿيو، تفصيل پڙهو

0
234
اوهان جو ٻار مٽي کائيندو

رپورٽ: صدام ڪولاچي

معصوم سرمد گهر جي اڱڻ ۾ کيڏي رهيو هو ته اوچتو سندس امڙ جي نظر پئجي وئي، ڏسي ته 8 مهينن جو سرمد مٽيءَ کائي رهيو آهي

ماءُ جو ساهه هو، پريشان ٿي وئي ته مٽيءَ جي ڪري سرمد الائي ڪهڙين بيمارين ۾ وٺجي ويندو، پر سرمد جي معصوم مرڪ کي ڏسي خاموش ٿي وئي،  اِها صورتحال تقريبن هر ماءُ سان پيش اچي ٿي

ڊاڪٽر ڇا ٿا چون؟

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٻارڙن لاءِ اِها عام ڳالهه آهي ته هو هر شئي پنهنجي منهن ۾ وجهندا آهن، ان ڪري پريشان نه ٿيو، اِن ۾ ڪو شڪ ناهي ته اِها صورتحال تقريبن هر ماءُ سان پيش اچي ٿي

مٽي کائڻ سان ٻارن ۾ مختلف بيماريون يا جيت  ٿي سگهن ٿا، پر مٽيءَ ۾ ڪو ذائقو ناهي هوندو، ان ڪري ٻار اُن کي جلد ئي ڇڏي ڏيندا آهن

ڊاڪٽرز موجب ٻار جي مجموعي صحت ۽ مدافتي نظام ۾ ڪا ڳڙٻڙ نه هجي ته ٿوڙي گهڻي مٽي کائڻ سان ڪو مسئلو نه ٿيندو، پر ڍورن جي گندگي يا ڪيميائي مادن سان نقصان ٿي سگهي ٿو

جيڪڏهن اوهان ٻار کي ڍورن جي گندگي يا ڪيميائي مادو کائيندي ڏسي وٺو ۽ طبيعت خراب ٿي وڃي ته فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو

ٻار پينٽ، ڪاغذ يا وار کائي ته پريشان ٿي سگهجي ٿو ، ڇاڪاڻ ته اهي شيون جسم ۾ آئرن يا خوراڪ جي کوٽ جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿيون ۽ ٻار بيمار به ٿي سگهي ٿو

طبي ماهرن موجب، مائرن اِن ڳالهه کان اڻڄاڻ هونديون آهن ته ٻار جو گنديون شيون کائڻ سان اُن جي اندروني طاقت (قوت مدافت) جي نظام کي فائدو پهچائي ٿو، خاص ڪري مٽي ٻار خطرناڪ جراثيم ۽ بيمارين سان وڙهڻ لاءِ اينٽي باڊيز ٺاهيندي آهي

ڊاڪٽرز موجب جيڪڏهن اوهان جو ٻار لاڳيتو مٽيءَ کائي ٿو ۽ پيٽ خراب ٿئي ٿو ته اُن کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃو