اولمپيئن ارشد نديم کي اداڪاره ميرا ”ڪرڪيٽر“ چئي ويٺي، وڊيو وائرل

0
216

ڪراچي: ٽوڪيو اولمپڪس ۾ جيولين ٿرو جي فائنل ۾ پهچندڙ ايٿليٽ ارشد نديم کي اداڪاره ڪرڪيٽر چئي ويٺي، سندس وڊيو وائرل ٿي وئي. اداڪاره ميرا هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ارشد نديم تمام سٺي ڪرڪيٽ کيڏي ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، تمام سٺي راند کيڏي ۽ راند دوران سندس محنت نظر اچي رهي هئي. اداڪاره ميرا چيو ته ارشد نديم جي باڊي لينگويج زبردست هئي، ڊسيپلن هو، حڪومت کي اسان جي هيروز جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي.