لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)  بلوچستان جي شهر اوستا محمد ۾ ٻن ڀائرن ۾ ملڪيت جي معاملي تان هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، چاچي فائرنگ ڪري پنهنجي نوجوان ڀائيٽي زبير بليدي سندس ڀاءُ محمد ايوب بليدي سميت محمد آصف بليدي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. زخمين کي وارثن کڻائي ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو منتقل پئي ڪيو جتي رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي نوجوان زبير بليدي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو،  جڏهن ته زخمين کي ٽراما سينٽر منتقل ڪري طبي امداد ڏني وئي جن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي والد مير حسن بليدي ٻڌايو ته اسان جي اوستا محمد ۾ موروثي ملڪيت ۾ زرعي زمين آهي جنهن مان ڀاءُ حاڪم علي بليدي حصو گهري مختلف وقتن تي موتمار ڌمڪيون ڏينديو هو جنهن ملڪيت جي معاملي تان پنهنجي پٽن عبدالله، اسدالله بليدي ۽ ٻين هٿياربندن سان گڏجي اسان مٿان فائرنگ ڪري گوليون هڻي منهنجي نوجوان پٽ زبير بليدي کي قتل ۽ ٻئي پٽ محمد ايوب بليدي سميت ٻن ڀاڻيجن محمد ايوب بليدي ۽ محمد آصف بليدي کي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا آهن جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن وس وارن کان گهر ڪئي ته حملي ۾ ملوث ڀاءُ سميت ڀاڻيجن کي گرفتار ڪري مقتول پٽ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.